ڪراچي(عوامي آواز نيوز)دنيا ۾ احتجاجن جي هڪ نئين لهر اُڀري آهي جنهن حڪومتن جا تخت اونڌا ڪري ڇڏيا آهن، هي لهر انهن ڪاوڙيل نوجوانن جي آهي جيڪي سوشل ميڊيا تي نعرا پڙهي هاڻي روڊن تي نڪري آيا آهن.نوجوانن جي ان احتجاج کي دنيا "جِين زي (Generation-Z) انقلاب” جو نالو ڏنو آهي،هاڻي نوجوانن دنيا پراڻي سياسي نظام، ڪرپٽ خاندانن ۽ نااهل حڪمرانن جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪري ڇڏيو آهي تازومثال مدغاسڪر آهي، جتي ٽن هفتن کان جاري نوجوان احتجاجي تحريڪ آخرڪار صدر اينڊري راجويلينا جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجي وئي. فوج جي هڪ اهم يونٽ (ڪجهه رپورٽن موجب ڪيپ سيٽ) حڪومت کان الڳ ٿي نوجوان مظاهرين جو ساٿ ڏنو؛ ان کان پوءِ صدر راجويلينا فرانسيسي فوجي جهاز ذريعي ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويا.مدغاسڪر گهڻي عرصي کان ڏک، بدعنواني ۽ ناڪام حڪمرانيءَ جو شڪار آهي،ان کان اڳ نيپال ۾ سيپٽمبر جي شروعات ۾ وڏي پيماني تي نوجوانن جا حڪومت مخالف احتجاج شروع ٿيا. بوري آواز ان وقت بلند ٿيو جڏهن حڪومت 26 سوشل ميڊيا پليٽفارمن تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اصل ناراضگي بدعنواني ۽ سياسي خاندانن جي رعب ۽ دٻدٻي مَٿان هئي.نتيجي طور وزيرِاعظم شرما اولي کي عهدو ڇڏڻو پيو، جولاءِ 2024 ۾ بنگلا ديش ۾ هڪ اهڙو موڙ آيو جنهن پوري ملڪي سياست کي لوڏي ڇڏيو،. سالن کان اقتدار ۾ ويٺل شيخ حسينه واجد، جن کي ڪڏهن “آئرن ليڊي آف ڍاڪا” سڏيو ويندو هو، آخرڪار نوجوانن جي احتجاجن جي نتيجي ۾ اقتدار وڃايو. ان جو سبب سرڪاري نوڪرين ۾ مخصوص ڪوٽا جو معاملو هو،ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ پيرو ۾ حڪومت جي هڪ قانوني تبديلي سبب نوجوان ۽ مزدور روڊن تي نڪري آيا،ان قانون تحت نوجوانن کي نجِي پنشن فنڊ ۾ جبري ادائيگي ڪرڻي پئي. ان احتجاج صدر دينا بولوارٽي جي مقبوليت کي تقريباً ختم ڪري ڇڏيو ۽ آخرڪار ڪانگريس کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو.سيپٽمبر جي شروعات ۾ فلپائن ۾ ٻهراڙيءَ جي ٻوڏ متاثرن جي نالي تي اربين ڊالر جي غبن جي اسڪينڊل تي نوجوانن احتجاج شروع ڪيو. ان منصوبه بندي کي عوام ۽ فوج جي پوري حمايت نه ملي،جڏهن ته آفريڪا جي اترئين ملڪ مراڪش ۾ نوجوانن احتجاج ڪيو ته حڪومت 2030 ورلڊ ڪپ جي تياري تي اربين ڊلر خرچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته عام ماڻهن وٽ اسپتال ۽ اسڪولن جي کوٽ آهي،دنيا ۾ نئون نسل انٽرنيٽ ۽ معلوماتي دور ۾ وڌي رهيو آهي. انهن جو وڏي مسئلي جو سبب اڻ برابري آهي، امير وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن ۽ عام ماڻهو بنيادي ضرورتن کان محروم آهن،انهن جي ملڪن ۾ اقتدار ڪجهه خاندانن جي قبضي ۾ آهي جيڪي نسل اندر اقتدار کي وراثت سمجهن ٿا،جنريشن زي جو احتجاج هاڻي وقتي مظاهرا نه رهيا آهن،اها هڪ نئين عالمي سياسي بيداري جي علامت بڻجي چڪا آهن،اهو نسل هاڻي رڳو تبديلي جي ڳالهه نٿو ڪري بلڪه ان کي عملي طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري رهيو آهي