مون کي پيرول تي آزاد ڪريو، افغانستان جو معاملو حل ڪندس:عمران خان جي آڇ

راولپنڊي (عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مريدڪي واقعي تي خيبرپختونخوا ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن کيس پيرول تي آزادي ملي ته هو افغان طالبان سان ڳالهيون ڪري مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪرائي سگهي ٿو، ڇو⁠ته امن صرف ڳالهه⁠ٻولهه سان ممڪن آهي، اها ڳالهه اڊياله جيل ۾ توشه خانه ٽو ڪيس جي ٻڌڻي دوران ملاقات کان پوءِ عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي ۽ عليمه خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، نورين نيازي موجب عمران خان حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آءِ جي اسلام آباد ۽ محسن نقوي خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي، مريدڪي ۾ بيگناهه ماڻهن مٿان گوليون هلايون ويون، ڇو⁠ته ملڪ اندر امن ۽ سياسي استحڪام کي زبردستي دٻايو پيو وڃي، هن ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران چار وڏا سانحا پيش آيا آهن، پهريون 9 مئي، ٻيو 26 نومبر، ٽيون ڪشمير ۾ ۽ چوٿون لاهور مريدڪي ۾، جتي پنهنجا ئي ادارا پنهنجن شهرين تي طاقت جو استعمال ڪري رهيا آهن، عمران خان جي هدايت تي جمعي تي پشاور ۾ احتجاج ڪيو ويندو، نورين نيازي موجب باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته انهن واقعن بابت جوڊيشل ڪميشن جو قيام ضروري آهي، ڇو⁠ته عوام پنهنجي ملڪ ۾ غير محفوظ ٿي ويو آهي ۽ هاڻي سڀني کي ملڪ لاءِ گڏجي بيهڻ گهرجي، عمران خان جو چوڻ هو ته افغانستان اسان جو پاڙيسري اسلامي ملڪ آهي، پر تازي حالتن ۾ افغانين کي ٽن نسلن کانپوءِ پاڪستان مان واپس موڪليو ويو آهي، جڏهن ته اهو عمل نه امن آڻي سگهي ٿو ۽ نه ئي انساني لحاظ کان درست آهي، جڏهن ته بئرسٽر سيف پڻ عمران خان ملاقات ڪئي، بئرسٽر سيف ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته پيرول تي آزادي ملي ته هو امن ۽ افغان تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪندو، بئرسٽر سيف موجب عمران خان ٻن اسلامي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ تڪرار تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته مسلمان ملڪن جي وچ ۾ جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو پيغام پهچايو ۽ ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته مذهبي جماعت جي واقعي تي مون کي افسوس ۽ تڪليف ٿي آهي ۽  ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ 9 مئي سوڌو چار واقعن جي جاچ ڪرائي وڃي، ان موقعي تي عليمه خان جو چوڻ هو ته توشه خانه ڪيس ٽو ۾ اڄ اسان جي وڪيلن دليل ڏنا ۽  عدالت کان تاريخ گهري هئي، عدالت تاريخ نه ڏني ۽ اڄ ٻڌڻي رکي آهي، هن چيو ته 22 نومبر 2024 تي اسان احتجاج متعلق پي ٽي آءِ باني جو پيغام ڏنو ان تي اي ٽي سي پنڊي منهنجي مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.