جنگشاهي(رپورٽ: غلام حسين شاھ) جنگشاھي ڀرسان ڳوٺ بي رحم جوابدارن آبادي ۾ ڳئون وڃڻ تي بي زبان جانورن تي ڪهاڙينجا وار ڪري 7 ڍڳين کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺ گلزار علي پليجو جي رهواسي هڪ شخص پنهنجي ڀائرن سئوٽن سميت ڪهاڙين جا بيدردي سان وار ڪري 7 ڍڳين کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، متاثر ٿيل ڀاڳين جو چوڻ آھي ته ڳوٺ ڀرسان چراگاھ ۾ ڳئون ڏينهن جو چري آيون هيون، کيٽ آباد آھي جتي جانور آبادي ۾ گهرڻ سبب جوابدار سانول پليجو ۽ سندس ڀائرن سئوٽن گڏجي ڳئون کي ڪهاڙيون ھنيون آھن ، ڀاڳين پاران جنگشاھي پوليس پوسٽ تي اين سي داخل ڪرائي پوليس انتظاميه کان جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي دانهون ڪيون ويون، ھنن چيو ته جوابدار بااثر ھجڻ ڪري ھو راڄن جي چڱن مڙسن جي مدد سان نبيرو ڪرائڻ لاءِ زور ڀري رھيا آھي. ھنن گھر ڪئي ته فورن ھن معاملي جي جانچ ڪرائي سندن چوپائي مال ڳئون کي زخمي ڪندڙ جوابدارن جي ڳولا ڪري کين قانون جي ڪٽھري ۾ آڻي بي زبان جانورن کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي، جڏھن ته زخمي ٿيل ڍڳين جي حالت خراب ٿيڻ لڳي، پوليس جو چوڻ آھي ته ڪنھن به حالت ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.