جوهي ( ن ع آ ) ڪاڇي جي شهر ٽنڊو رحيم خان لڳ کيرٿر جي جابلو پٽي نئن انگئي وٽ لاڏائو مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ سنڱاوتي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو مارجي ويو آهي , مارجي ويل جي سُڃاڻپ بختيار ولد مريد مري طور ڪئي وئي، جڏھن ته ذريعن موجب ھڪ اڻڄاتل ماڻھو ۽ عورت جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آھن، اطلاع ملڻ بعد ٽنڊو رحيم خان پوليس پهتي، مليل ڄاڻ موجب جهيڙو پيار جي پرڻي واري معاملي تان ٿيو آهي.