دوحا / غزا(م ڊ) جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ به اسرائيل پاران غزا ۾ انساني امداد جي داخلا تي سخت پابنديون جاري آهن، جنهن تي اقوامِ متحده جي پناهگيرن واري اداري (UNRWA) سخت احتجاج ڪيو آهي۔قطري نشرياتي اداري الجزيره موجب، فلسطيني پناهگيرن لاءِ اقوامِ متحده جي ايجنسي “انرا” چيو آهي ته اسرائيل انساني همدرديءَ جي بنيادن تي آندل امدادي سامان کي غزه اندر وڃڻ نٿو ڏئي، ۽ مطالبو ڪيو آهي ته امداد تي لڳايل پابندي فوري طور ختم ڪئي وڃي۔انرا جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ادارو خوراڪ، صفائيءَ جي ڪِٽن، دوائن ۽ عارضي خيمن لاءِ ضروري سامان غزه جي ٻاهران گودامن ۾ رکي ڇڏيو آهي، پر اسرائيلي حڪومت انهن کي اندر داخل ٿيڻ نٿي انرا جي ترجمان جو چوڻ هو ته غزا ۾ انساني بحران وڌي رهيو آهي، ۽ امداد تي پابندي فوري طور ختم ٿيڻ گهرجي۔”ٻئي پاسي، غزه جي وزارتِ صحت چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 لاشون ۽ 29 زخمي مختلف اسپتالن ۾ پهچايا ويا آهن۔وزارت مطابق، انهن مان 38 لاشون ملبن مان ڪڍيون ويون، جڏهن ته خدشو آهي ته ڪيترائي متاثر اڃا به ملبن هيٺ ڦاٿل آهن، جتي ايمبولينس ۽ سول ڊيفنس جون ٽيمون پهچڻ ۾ ناڪام آهن۔انساني حقن جي تنظيمن چيو آهي ته جنگ بندي باوجود اسرائيلي روڪ ۽ رڪاوٽون غزه جي عوام لاءِ انساني الميي کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيون آهن۔