ميرپورماٿيلي ويجهو گاهه تي ويل عورت جو تشدد ٿيل لاش هٿ

ميرپورماٿيلو/داد لغاري/ڏهرڪي (نمائندن وٽان) داد لغاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ تاج محمد لاشاري ۾ چوپائي مال لاءِ گاهه ڪرڻ ويل 25 سالن جي عورت آمنا زال نديم لاشاري کي اڻڄاتل جوابدارن قتل ڪري لاش ڪمند جي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو. علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد داد لغاري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتولا جي وارث دودو لاشاري موجب آمنا صبح گهران گاهه ڪرڻ نڪتي هئي، جيڪا واپس نه موٽي، ڳولا دوران ڪمند جي فصل مان سندس ڪپڙن کان آجو ۽ تشدد ٿيل لاش مليو. هن الزام هنيو ته ظالمن اسان جي عورت کي بي رحمي سان قتل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي قتل جون حقيقتون سامهون اينديون. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي، جڏهن⁠ ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.