ڪراچي(رپورٽر ) ڪتاب جي ليکڪ رضا رباني چيو ته هن ڪتاب جي مهورت 2022 ۾ ٿيڻ گهرجي ها، پر غزا ۾ جيڪي حالتون ٿيون، معصوم ٻارن ۽ ماڻهن کي ماريو ويو، اسپتالن تي بمباري ٿي، ٻارن لاءِ آڪسيجن به نه هئي۔ مون کي ڪجهه ٻيو لکڻ جي خواهش هئي، پر قلم ۽ ذهن ساٿ نه ڏنو۔ آخرڪار مون هن ظلم تي لکڻ جو فيصلو ڪيو۔هن چيو ته غزه ۾ چاهي امن اچي، پر جيڪي پنج مهينا ٻارن سان ٿيو، دنيا ڪڏهن به وساري نه سگهندي۔غازي صلاح الدين چيو ته سياسي اڳواڻن جو ادب سان لاڳاپو خوش آئند آهي۔ رضا رباني جي ڪتاب ۾ ٻارن جي تڪليفن کي فنڪارانه انداز ۾ پيش ڪيو آهي۔انيس هارون چيو ته غزه ۾ ٿيندڙ ظلم تي هر دل ڏکويل آهي۔ مان رضا رباني کي هڪ سياسي اڳواڻ طور ڄاڻندي هئس، پر اڄ هڪ حساس اديب طور ڏٺو۔ هن ڪتاب ۾ ٻارن جي ڏکن کي اهڙي حساسيت سان پيش ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ جو دل ڏڪي ٿو۔هن چيو ته حڪمران طبقو هن ظلم بابت ڳالهائڻ به نٿو چاهي، ۽ گڏيل قومون به خاموش آهن، پر رضا رباني پنهنجي قلم سان اهو فرياد دنيا تائين پهچايو آهي۔ .ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد علي شاه، صدر آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي محمد احمد شاه، گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي، سينيئر اڳواڻ سيد قائم علي شاه، نثار کھڙو، نجمي عالم، وقار مهدي، صوبائي وزير سعيد غني، ذوالفقار علي شاه، شيري رحمان، غلام مصطفيٰ شاه، نامور اديبه نورالهدى شاه، صحافي غازي صلاح الدين، انيسہ هارون سميت سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون پڻ موجود هيون.