اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پنهنجي نئين رپورٽ ۾ پاڪستان جي معاشي واڌ ۽ مهانگائي بابت خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جا مقرر ڪيل هدف هن مالي سال ۾ حاصل ٿيڻ مشڪل آهن، ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ” ۾ چيو ويو آهي ته موجوده مالي سال لاءِ پاڪستان جي معاشي شرحِ نمو جو ڪاٿو 3.6 سيڪڙو آهي، جڏهن ته حڪومت ان جو هدف 4.2 سيڪڙو رکيو هو۔رپورٽ موجب گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي معاشي واڌ جي شرح 2.6 سيڪڙو هئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو اندازو آهي ته 2030ع تائين هي شرح آهستي آهستي وڌي 4.5 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي۔مهانگائي جي حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت هن سال اوسط مهانگائي جو هدف 7.5 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي، پر آءِ ايم ايف جي مطابق اصل تخمينو 7.7 سيڪڙو آهي، يعني مهانگائي سرڪاري هدف کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي۔اداري موجب 2030ع تائين اوسط مهانگائي گهٽجي 6.5 سيڪڙو تائين اچي سگهي ٿي، پر ان لاءِ معاشي استحڪام، ٽيڪس پاليسين ۾ سڌارا ۽ پيداوار وڌائڻ ضروري آهن.