ڪنهن صوبي سان نه پر دنيا سان مقابلو آهي، نمبر هڪ آهيون: بلاول

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مقابلو ڪنهن ٻئي صوبي يا شهر سان نه ملڪ سان هوندو آهي، جنهن ۾ اسان نمبر ون آهيون. هن اها ڳالهه ڪالهه منجهند جو پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي هال ۾ سينيٽر ۽ پي پي پي اڳواڻ رضا رباني جي ڪتاب ”The Smile Snatchers“ جي رونمائي جي بعد تقرير ڪندي ڪئي . هن چيو ته جيڪي ڪتاب لکجن ٿا، اهي هميشه تاريخ ۾ زندهه رهن ٿا۔ رضا رباني پنهنجي ڪتاب غزه جي ٻارن جي نالي ڪئي آهي، جتي ٻارن جي سڀ کان وڏي نسل ڪشي ٿي آهي۔ ان کان علاوه نسل ڪشي صحافين ۽ ڊاڪٽرن جي به ٿي هئي۔ فلسطين جي امن معاهدي تي سڄي اسلامي امت کي ان مٿان نظر رکڻي پوندي ته اهو ٽٽي نه وڃي۔بلاول ڀٽو چيو ته رضا رباني جي لکيل هي فڪشن ڪتاب تاريخ ۾ سندن ڪردار آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غزا ۾ ٻارن جي نسل ڪشي ڪئي وئي، صحافين، ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي به ماريو ويو، جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪيون ٿا ۽ اميد ته جنگبندي برقرار رهندي. هن چيو تاريخ گواهه آهي ته هيل تائين سڀ کان وڌيڪ جنگبندين جي ڀڃڪڙي اسرائيل ڪئي آهي، اميد ته سڄي مسلم امت ڏسندي ته ان سيز فائر کي نه ٽوڙيو وڃي، خوف آهي ته هن ڀيري به دوکو نه ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته خيرپور اڪنامڪ زون دنيا جي بهترين اڪنامڪ زونز ۾ موجود آهي، سنڌ حڪومت قائم علي شاهه جي دور ۾ اهو خاص اڪنامڪ زون شروع ڪيو، اهو سنڌ حڪومت جو هڪ ڪارنامو آهي، جيڪو عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، اسان سمجهون ٿا ته اها ملڪ جي ڪاميابي آهي ۽ اسان کي ان ڪاميابي تي فخر هجڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو مقابلو ڪنهن ٻئي صوبي يا شهر سان ته آهي ئي نه، مقابلو ملڪ سان هوندو آهي، جنن ۾ اسان نمبر ون آهيون، بي آءِ ايس پي کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويندو آهي، دنيا جي وڏن ملڪن وٽ اهڙو پروگرام ناهي جيڪو اسان وٽ آهي، سنڌ ۾ 20 لک گهر تعمير ڪري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت ڪنهن ٻئي سان نه دنيا سان مقابلو ڪندي آهي.ڪراچي ۾  رضا رباني جي ڪتاب جي مهورتي تقريب دوران خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته، جيڪي ماڻهو ڪتاب لکندا آهن، اهي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندا آهن. بينظير ڀٽو به ٻه ٽي ڪتاب لکيا هئا. مان پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي چوان ٿو ته ضرور ڪتاب لکندا، ڇو ته پيپلزپارٽي پاڪستان جي آئين جي ڪتاب ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته،قائم علي شاهه کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي، هو پارٽي جا سڀ کان سينيئر اڳواڻ آهن. خيرپور ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون موجود آهي، جيڪو قائم علي شاهه جي دور ۾ قائم ٿيو. فنانشل ٽائيمز خيرپور اڪنامڪ زون کي بهترين قرار ڏنو آهي.”بلاول چيو ته  پيپلزپارٽي سڀ کان پهرينپبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور متعارف ڪرايو، جيڪو شهيد بينظير ڀٽو 1993 ۾ پارٽي جي منشور جو حصو بڻايو. ڪجهه سال اڳ دنيا جي مشهور ميگزين دنيا جي بهترين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي رينڪنگ جاري ڪئي، جتي مقابلو دنيا جي ملڪن سان هو.هن چيو ته سنڌ جو مقابلو پاڪستان جي ڪنهن شهر يا صوبي سان ناهي، پر دنيا جي ترقي يافته ملڪن سان آهي، ۽ اها پاڪستان جي ڪاميابي آهي. سڄي ملڪ کي گڏجي دنيا سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. اسان کي ورهائجڻ نه گهرجي. جتي به ڪم ٿي رهيو آهي، جتي پاڪستان جو نالو روشن پيو ٿئي، اتي فخر محسوس ڪرڻ گهرجي. بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت بلاول ڀٽو چيو ته  اهو پروگرام عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي.  جڏهن مان پرڏيهي وزير هوس، ته ڪيترن ئي ملڪن جي دوري دوران ماڻهن ٻڌايو ته اسان اوهان جو پروگرام ڪاپي ڪري رهيا آهيون، ڇو ته اهو غريب ماڻهن جو خيال رکڻ جو بهترين طريقو آهي.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.