اسلام آباد/لاهور/راولپنڊي (م ڊ) لاهور ۽ مريدڪي ۾ پوليس ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. رات دير سان ٿيل آپريشن دوران شيلنگ ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ چڪريون ٿيون، جن ۾ هڪ ايس ايڇ او مارجي ويو ۽ لڳ ڀڳ 48 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جن مان 17 کي گوليون لڳيون. ٽي ايل پي جا ٽي ڪارڪن ۽ هڪ واٽهڙو به مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. مظاهرين طرفان 40 گاڏين کي ساڙيو ويو. ان دوران سوشل ميڊيا تي سعد رضوي جي هڪ وڊيو پڻ آئي جنهن ۾ هو آپريشن نه ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هو ۽ گهٻرايل لڳي رهيو هو. واقعي کانپوءِ لاهور ۾ اسڪول بند ڪيا ويا، والدين کي جلد ٻارن کي وٺي وڃڻ لاءِ چيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي. ساڳي وقت ڪراچي ۾ به احتجاجي مظاهرا ٿيا ۽ رستن کي بند ڪيو ويو. رپورٽن موجب آپريشن کان پوءِ ٽي ايل پي اڳواڻ سعد رضوي جي زخمي ٿيڻ جون خبرون مليون، پر سندس حالت بابت تصديق ناهي ٿي سگهي. پنجاب جي شهر مريد ڪي ۾ پوليس ۽ رينجرز آپريشن ڪري جي ٽي روڊ خالي ڪرائي ڇڏيو جنهن دوران ڇڪتاڻ به ٿي. لاهور ۾ اڪثر رستا بند ڪيا ويا. راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ به مذهبي جماعت جي احتجاج سبب صورتحال ڇڪتاڻ واري رهي. فيض آباد ڊبل روڊ ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو ۽ وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. شهرين کي چوٿين ڏينهن به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. پنجاب يونيورسٽي جا امتحان معطل ڪيا ويا، اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ ۾ سڪيورٽي فورسز کي الرٽ رکيو ويو.
-
ٽي ايل پي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ناهي نڪتي : فواد وڌري
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو آهي ته جي ماڻهو جيڪي چوندا هئا ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ٽي ايل پي احتجاج لاءِ نڪتل آهي،هاڻي ساڳي ئي ڳالهه تي يوٽرن وٺي چون ٿا اُهو عمل ڇو ڪيو؟ اسٽيبلشمينٽ مذهبي گروپن کي پرتشدد گروپن ۾ منظم ڪري جيڪي غلطيون ڪيون ويون، هاڻي انهن ۾ سڌاري جو وقت آهي، ٽي ايل پي ڌرڻو ختم ڪري سٺو قدم کنيو آهي هاڻي پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ماڻهن کي به سرينڊر ڪرڻ گهرجي
-
رياست سخت گير بڻجي وئي، طاقت جي بنياد تي فيصلا جٽادار نه رهندا
لاهور (عمران شفقت) ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ٽي ايل پي ڪنهن جي اشاري کانسواءِ نه نڪري ها، شايد ٽي ايل پي کي استعمال ڪيو ويو آهي. ٽي ايل پي کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي. سعد رضوي کي سمجهڻ گهرجي ها. حڪومت جي حڪمت عملي ۾ اوچتو تبديلي آئي ۽ ٽي ايل پي خلاف آپريشن ذريعي رياست اهو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن اها وڏي تحريڪ کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي ته ڪنهن به دهشتگرد يا سياسي پراڪسي کي به برداشت نه ڪيو ويندو. اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته ڳالهيون ڪريو، سرينڊر ڪريو، اهو پيغام طالبان ۽ تحريڪ انصاف تائين پهچي ويو آهي. ان کان اڳ فيلڊ مارشل چيو هو ته پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻجڻو پوندو. هاڻي رياست هارڊ اسٽيٽ بڻجي چڪي آهي. ان کان اڳ اها حڪمت عملي هئي ته سهيل آفريدي کي وڏو وزير بڻجڻ کان روڪيو ويندو پر ان حڪمت عملي کي تبديل ڪيو ويو ته کيس وڏو وزير بڻجڻ ڏيو ڇو ته هي مظلوم بڻجي ويندا. اڃا تائين گنڊاپور جي استعيفيٰ منظور ناهي ٿي. جيڪڏهن هو آپريشن جي اجازت نٿا ڏين ته پوءِ قانوني طور تي اتي محدود مدي لاءِ گورنر راڄ به لڳي سگهي ٿو. تحريڪ انصاف سولائي سان تحريڪ طالبان جو ساٿ نه ڏئي سگهندي نه ته سياسي موت ٿي ويندو. حڪومتي قدم کي ملڪ ۾ هارڊ اسٽيٽ پاليسي جي شروعات سڏيو پيو وڃي، جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي آپريشن کان پوءِ مذهبي ۽ سياسي ردعمل وڌڻ جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي. سخت فيصلن جو رد عمل اچي سگهي ٿو. رڳو طاقت جي بنياد تي فيصلا جٽادار ناهن هوندا. پراڪسيز کي ختم ڪرڻو آهي ته پاڻ ۾ سڌارا پهريان آڻڻا پوندا. پنهنجي سياسي انجنيئرنگ مان نڪرڻو پوندو. آئين جي تابع ٿيڻ ضروري آهي. اوهان کي وضاحت ڏيڻي پوندي ته ماضي جون غلطيون نه ڪيون وينديون. رياست هن وقت پنهنجي بچاءَ جي جنگ وڙهي رهي آهي، پاڪستان خلاف وڏي سطح جون سازشون آهن، سازشن جو مقابلو ڪرڻ وارا ڇا واقعي ملڪي خدمت ڪري رهيا آهن يا پنهنجو معاملو سڌو ڪري رهيا آهن؟ جيڪي قوتون پريشر گروپ جي طور تي ڪم ڪري رهيون آهن انهن کي به ڪردار تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.
-
سعد رضوي جي گهر مان 23 ڪروڙ رپيا ۽ سون هٿ اچڻ جي دعويٰ
اسلام آباد/لاهور (م ڊ) تجزئي نگار منيب فاروق دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي اڳواڻ سعد رضوي جي گهر مان سون ۽ 23 ڪروڙ رپين جي رقم هٿ آئي هئي. هن چيو ته ڳالهين دوران سعد رضوي ۽ سندس نمائندن حڪومت کان مارچ ختم ڪرڻ جي بدلي ۾ مالي رعايت ۽ ڪارڪنن جي نالن تي رقم طلب ڪئي، جڏهن ته پنهنجن ڪيسن جي خاتمي جا به شرط رکيا پر فلسطين يا اسرائيل بابت ڪا به گهر نه ڪئي وئي. منيـب فاروق موجب، حڪومت انهن ناجائز مطالبن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد آپريشن شروع ٿيڻ تي ٽي ايل پي ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪئي. تجزئي نگار جو چوڻ هو ته حڪومت جو موقف واضح آهي ته رياست ڪنهن به ڌمڪي يا مالي سودي جي دٻاءَ هيٺ نه ايندي.
-
سنڌ ۾ به مذهبي جماعت جي سڏ تي احتجاج، پوليس جي شيلنگ
ڪراچي (م ڊ/رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مذهبي جماعت جي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو جنهن کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جا واقعا پيش آيا. مختلف روڊ بند ٿيڻ سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. نيو ڪراچي ۾ مظاهرين گاڏين جي پٿراءُ ڪيو. نارٿ ڪراچي ۾ روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ موجب، پوليس مظاهرين تي شيلنگ ڪري ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو جنهن بعد ٽريفڪ بحال ٿي وئي. پوليس پاران 5 مظاهرين گرفتار ڪيا ويا ۽ وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. پوليس انتظاميا موجب، ڪراچي ۾ ڪٿي به احتجاج ناهي ٿي رهيو.
-
انتشار وقت قوم جنرل پاشا ۽ فيض حميد کي پٽون ڏيندي آهي
لاهور(بيورو)ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته مُريدڪي ۾ پوليس، رينجرز ۽ مظاهرين وچ ۾ ٿيل ٽڪراءُ انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي. اهڙا رويا انتهاپسنديءَ جون نيون لهرون پيدا ڪري سگهن ٿا۔گذريل رات حڪومت ۽ ٽي ايل پي جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ها ته شايد امن جو رستو نڪري اچي ها۔ امن کي موقعو ڇو نه ڏنو ويو؟ هن چيو ته مان ٽي ايل پي جي سياست جي طرز جو حامي نه آهيان، جٿن جي ذريعي گهيراءُ، باهيون ۽ دٻاءَ ذريعي مطالبا مڃرائڻ واري سياست قابلِ قبول ناهي۔ غزه ۾ جنگ بند ٿيڻ کان پوءِ لانگ مارچ ۽ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني اڳيان احتجاج جو اعلان به غير منطقي ۽ بناسبب قدم هو،پر پوءِ به ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت ذريعي وچ وارو رستو ڳولڻ، جيد علمن ۽ سياستدانن کي وچ ۾ وجهي ٻنهي ڌرين کي “فيس سيونگ” ڏيڻ ۽ امن قائم رکڻ ئي درست ۽ ذميوار رستو هو۔ليگي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو ته جڏهن به ملڪ ۾ پرتشدد احتجاج، جلاو گھيراو ۽ ٽوڙ ڦوڙ ٿيندي آهي، جتي باهه لڳندي يا لڳائي ويندي آهي، افراتفري ۽ انتشار ڦهلائبو آهي تڏهن هر ڀيري هي قوم جنرل پاشا، فيض حميد ۽ انهن جي باقيات کي بددعائون ڏيندي آهي۔
-
مذهب جي نالي جٿا ٺاهي عوام کي يرغمال بڻائڻ توهينِ مذهب آهي
اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا محمد آصف ملڪ ۾ مذهب جي نالي تي جلوس/جٿا ٺاهڻ ۽ روڊ بند ڪري عوام کي يرغمال بڻائڻ جي عمل کي توهينِ مذهب قرار ڏئي ڇڏيو. بچاءُ واري وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وطنِ عزيز ۾ مذهب جي نالي تي مسلح جٿا ٺاهڻ ۽ روڊ بند ڪري عوام کي يرغمال بڻائڻ توهينِ مذهب آهي. هن چيو ته ٻه سال غزا ۾ ظلم ۽ رت جو درياءُ هليو، تڏهن ڪنهن کي احتجاج ياد نہ آيو؛ جڏهن اتي جنگبندي ٿي وئي تڏهن احتجاج شروع ٿي پيو. بچاءُ واري وزير وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سماج کي يرغمال ڪرڻ ۽ مذهب جي نالي تي تشدد سيکارڻ بند ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان جو دين، قرآن ۽ سنت سڀ ڀائيچار، محبت ۽ ڀلائي جا پيغامبر آهن — نفرتون ۽ تفرقو ختم ڪيو، دنيا ۽ آخرت کي بهتر بڻايو.