حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني ۾ ڌاڙي جي وڏي واردات، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب 6 هٿياربند شھري غلام رسول شيخ جي گهر ۾ داخل ٿيا، جن گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن کي يرغمال بڻائي قيمتي سامان ۽ نقد رقم ڦر ڪئي، ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربند گهر ۾ ڪلاڪن تائين آزادانه ڦرلٽ ڪندا رهيا ۽ تقريبن سوا ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جو سامان کڻي فرار ٿي ويا، پوليس ذريعن موجب هٿياربندن گهر مان 20 کان وڌيڪ تولا سونا زيور، وڏي رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ساڻ کڻي ويا، واردات دوران گهر وارا بيوس ٿي هٿياربندن جي رحم تي رهيا، اطلاع ملڻ بعد ڀٽائي نگر ۽ ڀرپاسي جي ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ جاچ شروع ڪئي، پوليس جو چوڻ ھو ته متاثر غلام رسول شيخ اوقاف کاتي ۾ سافٽ ويئر انجنيئر طور ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته واردات جي جاچ لاءِ سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪرڻ جي ڪوششون جاري آهن، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽيمون به جوڙي ڇڏيون ويون آهن، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڳڻتي ڇانيل آهي، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته وڌندڙ ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ پوليس موثر حڪمت عملي اختيار ڪري.