وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان ملاقات، ٽرمپ گرمجوشي سان هٿ ملايو

قاهرا (م ڊ) مصر جي شرم الشیخ ۾ ٿيل غزا امن سربراهه اجلاس دوران پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ملاقات ٿي، ٻنهي گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خوشگوار ڳالهيون ڪيون. اجلاس ۾ 28 ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. شهباز شريف جي شرم الشیخ پهچڻ تي مصري صدر عبدالفتاح السيسي پاران ڀليڪار ڪئي وئي. اجلاس کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني صدر محمود عباس، آذربائيجان جي صدر ايلهم علييف، آرمينيا جي وزيراعظم نڪول پاشينيان، اردن جي بادشاهه عبدالله ٻيو، بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترس سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس دوران فلسطيني عوام سان همدردي ۽ کين سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ جو عزم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.