قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) قمبر جي ڳوٺ ڇڇڙا ۾ پيءُ جي گهر ۾ ترسيل شادي شده ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل ، 21 ورهين جي ناري نائلا کي سندس مڙس غلام مرتضيٰ چانڊيو ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، مقتول ناري جي والد ارشاد علي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته نياڻي منهنجي گهر ۾ ترسيل هئي، جنهن کي ان جي مڙس ٻن جوبدارن سان گڏجي ڪري گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، هن چيو ته ظالم مونسان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي مقتول ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ قمبر اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن مقتول ناري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مڙهه لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن محمد علي خان هڪڙو، محمد جان بروهي، منير احمد بروهي عورت جي وارثن چيو ته ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي نياڻي سان ظلم ڪندا هئا هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.