انتظامي لحاظ کان نوان صوبا ٺهڻ گهرجن\خالد مقبول صديقي

حيدرآباد(رپورٽر)  وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته ملڪ ۾ انتظامي لحاظ کان صوبا ٺهڻ گهرجن. انگريزن لساني بنياد تي صوبا ٺاهيا هئا پر اسين چاهيون ٿا ته انتظامي بنيادن تي صوبا ٺاهڻ گهرجن. اهڙو اظهار هن حيدرآباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مئنجمينٽ سائنسز ڪوهسار ۾ نئين ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين ۾ هڪ شق وڌي هئي جنهن ۾ صوبا ٺاھڻ جي ڳالھ به شامل ٿيل هئي. هن چيو ته ڪجھ ذميواريون صوبن تي هيون ته هو ضلعا ۽ ڊويزنون ٺاهين. ضلعا ۽ ڊويزنون آبادي وڌڻ جي ڪري ٺاهيون ويون هيون. ان لحاظ سان صوبا به ٺھڻ گهرجن ها. هن چيو ته 27هين ترميم لاءِ اسان جي ڪابه ڪوشش ناهي ۽ به ئي اسان 26هين ترميم لاءِ ڪوشش ڪئي هئي. اسان 27هين ترميم ۾ ڏسنداسين ته جن شهرن ۾ اسان جو مينڊيٽ آهي. انهن جي سلامتي. بقا ۽ عزت نفس لاءِ ڪهڙو انتظام ٿيل آهي. هن چيو ته هن وقت تائين حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي يونيورٽسيون ٺهي وڃن ها پر ڪي ڌريون تعليم جي بهترين ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. سڀ کان پهريان ڪراچي مان افغانين کي واپس موڪلڻ جو عمل مڪمل ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.