سنڌ ۾ پ پ غيرقانوني افغانين جي سرپرستي ڪري پئي\عوامي تحريڪ

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور نبي پليجي ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سڄي ملڪ مان غيرقانوني غيرملڪين جي نيڪالي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سرڪار غيرقانوني غيرملڪين جي سرپرستي ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ لکين غيرقانوني پرڏيهي خصوصن افغاني رهن ٿا جن کي نادرا رشوت عيوض جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن، نادرا جي عملدارن غيرقانوني غيرملڪين کي جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏئي ملڪ دشمني ڪئي آهي، بوگس ڊجيٽل آدمشماري وسيلي لکين غيرقانوني غيرملڪين کي سنڌ جي شهري طور ڳڻيو ويو، پيپلز پارٽي سرڪار مڪمل طور غيرقانوني غيرملڪين جي سرپرست بڻيل آهي، سنڌ جو گھرو وزير انهن غيرقانوني افغانين جي حمايت ڪندي چئي ٿو ته انھن ھتي شاديون ڪري ڇڏيون آھن تنھن ڪري اسين نيڪالي نٿا ڏئي سگھون، اھڙا بيان سنڌي قوم جي ڦٽن تي لُوڻ ٻُڪرڻ برابر آھن،  غيرقانوني پرڏيهين جون ملڪيتون ضبط ڪري سنڌي مزدورن جي حوالي ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.