لاهور (عوامي آواز نيوز) پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحاد سان تعلق رکندڙ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ميمبر پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته سندن پارٽي کي پنجاب حڪومت ۽ وزيراعليٰ مريم نواز سان ڪجهه خدشا آهن. هن چيو ته مريم نواز جو بيان پنجاب به منهنجو، پئسو به منهنجو، پاڻي به منهنجو نامناسب هو، ڇو ته اهو تاثر ڏنو ويو ڄڻ صوبو سندن ذاتي ملڪيت آهي. ايم پي اي جو چوڻ هو ته پنجاب جو پئسو ۽ پاڻي 13 ڪروڙ ماڻهن جو آهي، ۽ ڏکڻ پنجاب کي به ترقياتي منصوبا ۽ وسيلن ۾ برابر حصو ملڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪمران اتحاد اندر گڏيل احترام ۽ ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو. سندس چوڻ هو ته اسان جي قيادت تي آڱريون کنيون پيون وڃن، پيپلزپارٽي پنجاب ۾ گهڻو ڪري اپوزيشن جو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان عوام جي حقن جي تياري ڪئي آهي، اڳتي به ڪنداسين، اپوزيشن ۾ ويهڻو پيو ته اسان ان لاءِ تيار آهيون. ان کانپوءِ پيپلزپارٽي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو.