افغان جارحيت خلاف جانيون ڏيندڙ12 شهيدن جي جنازي نماز ادا

راولپنڊي (م ڊ) افغان جارحيت خلاف وطن جي دفاع ۾ جان قربان ڪندڙ شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، راولپنڊي ۾ افغان جارحيت خلاف وطن جي دفاع دوران جانيون قربان ڪندڙ 12 شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، آءِ ايس پي آ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته شهيدن جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شرڪت ڪئي، وفاقي وزير، گورنر خيبرپختونخوا، سول ۽ فوجي عملدارن سان گڏ ماڻهن جي وڏي انگ به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو ته پاڪستان جا ماڻهو انهن بهادر سپوتن جا قرضدار آهن، جن افغان طالبان جي جارحيت جي مقابلي ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، هن چيو ته بهادر سپوتن ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي جارحيت جي سبب جانين جا نذرانا پيش ڪيا ۽ هٿياربند فوجون هر سازش يا جارحيت کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.