اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ تازين ڇڪتاڻ کي اڳوڻي رڪنِ پارليامينٽ محسن داوڙ “طالبان پروجيڪٽ” جو تسلسل ڏيندي چيو آهي ته طالبان، چاھي اُهي افغان ھجن يا پاڪستاني، ڪا پاڻمرادو اڀرندڙ تحريڪ نه پر ھڪ ڊگھي مدي وارو رياستي منصوبي جو حصو آھن، جيڪو مخصوص حڪمتِ عمليءَ وارن مقصدن لاءِ تيار ڪيو ويو ۽ ھاڻي اھي آمريڪي مفادن سان ڳنڍجي چڪا آھن، جن جو مقصد چين کي خطي ۾ محدود رکڻ آھي۔ ھن چيو ته افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان جي وچ ۾ سٺن يا بُرن جي تقسيم صرف ھڪڙو ڪوڙو تصور آھي، ڇوتہ اھي سڀ ھڪڙي ئي منصوبي جا مختلف چهرا آھن۔ هن موجب طالبان جي ڪابل تي قبضي جي ڪاميابي ويھ سالن جي پاڪستاني مدد جو نتيجو ھئي، جنھن ۾ کين پناھگاهون، لاجسٽڪ مدد ۽ سياسي پشت پناھي فراهم ڪئي ويئي۔ ھو چوي ٿو ته جيڪڏھن اھا مدد نه ڏني وڃي ھا ته اڄ افغانستان ۾ جمهوريت ھجي ھا ۽ پاڪستان ۾ امن،ھن ھيءَ به انڪشاف ڪيو ته آمريڪا افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي ھاڻي به مالي امداد ڏئي رھيو آھي، داوڙ موجب مستقبل ۾ طالبان کي خيبر پختونخوا جي اندر وڌيڪ ڄمائڻ ۽ اُتان واخان ڪوريڊور جي رستي چين خلاف استعمال ڪرڻ جي حڪمتِ عملي تيار ٿي رھي آھي۔محسن داوڙ دعويٰ ڪئي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ھميشه عسڪري قيادت جي راءِ ئي غالب رھي ۽ سڀ سياسي جماعتون انھن جي فيصلي جي تائيد ۾ قطارون ٺاھي بيھنديون ھيون،ھن خبردار ڪيو ته طالبان جو خطرو سرحد پار دهشتگردي نه پر پاڪستان جي اندرين ڍانچي ۾ جڙون پڪڙي چڪو آھي۔ ھو چوي ٿو ته افغان طالبان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ھڪڙي ئي تنظيم جي زنجير جا ٻه حصا آھن۔ خيبر پختونخوا جي اڌ کان وڌيڪ حصي ۾ سندن اثر قائم ٿي چڪو آھي، هن موجب اصل حل اسٽيبلشمينٽ جي ھٿ ۾ آھي، جيڪا جيڪڏھن چاھي ته طالبان پروجيڪٽ کي ختم ڪري سگھي ٿي، ڇوتہ طالبان جي قيادت، سندن خاندان، ڪاروبار ۽ مرڪز پاڪستان جي اندر ئي موجود آھن،هن چيو ته جيستائين پاڪستان پاڻ کي آمريڪي مفادن کان الڳ نه ڪري، تيستائين ھي بحران ختم نه ٿيندو۔