شرم الشيخ (م ڊ) غزا جنگبندي معاهدي تي ٽياڪڙ ملڪن مصر، ترڪيه، قطر ۽ آمريڪا صحيحون ڪري ڇڏيون. مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ تقريب ۾ چئني اهم ملڪن فلسطين ۽ اسرائيل ۾ امن بابت تاريخي معاهدي تي صحيحون ڪيون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مصر جي صدر فتاح السيسي، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٺاهه تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت مختلف 28 ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٽي بين الاقوامي تنظيمون شرڪت ڪنديون. تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غزا امن معاهدي سان وچ اوڀر ۾ امن قائم ٿيندو، اڄ تاريخي ڏينهن آهي، غزا امن معاهدو وڏي ڪاميابي آهي، دوست ملڪن جي سهڪار سان اهو ممڪن ٿيو. هن چيو ته اهڙا ڪامياب ڏينهن اڳ ۾ ڪڏهن ناهن ڏٺا، غزا امن معاهدي ۾ مصر جو ڪردار اهم آهي، وچ اوڀر ۾ ڊگهو امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان گڏجي غزا جي نئين سر تعمير ڪنداسين. اسان اڳ به وڏا معاهدا ڪري چڪا آهيون، پر هي معاملو ته راڪيٽ وانگر اڳتي وڌيو آهي. اڳي پيشنگوئيون هيون ته ٽئين عالمي جنگ وچ اوڀر مان شروع ٿيندي، پر هاڻي اهو خطرو نه رهيو. هن چيو ته غزه ۾ جنگ ختم ٿي چڪي آهي، انساني امداد پهچي رهي آهي، کاڌ خوراڪ، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃن ۽ يرغمالي واپس موٽي آيا آهن. هي معاهدو هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي طور ڏٺو پيو وڃي، جنهن ذريعي غزه ۾ سياسي استحڪام، انساني امداد جي فراهمي ۽ تعمير نو جو رستو هموار ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف به اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته غزه لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. صدر ٽرمپ جي اڳواڻيءَ ۾ هيءُ امن ممڪن ٿيو. هن چيو ته پاڪستان اڳ ئي صدر ٽرمپ کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو هو ۽ اڄ ٻيهر مطالبو ڪري ٿو ته صدر ٽرمپ کي نوبيل انعام ڏنو وڃي. وزيراعظم موجب صدر ٽرمپ نه صرف ڏکڻ ايشيا ۾ امن آندو، پر اڄ وچ اوڀر ۾ لکين زندگيون بچايون آهن. واضح رهي ته معاهدي جا هدف غزه ۾ جنگ جو خاتمو، امن ۽ استحڪام جو قيام، علائقائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ، يرغمالين جي آزادي، انساني امداد جي فراهمي ۽ نئين سر تعمير جي شروعات آهن. ٽرمپ هڪ موقعي تي چيو ته: "ڇا توهان اسان کي دستاويزون ڏئي سگهو ٿا، مهرباني ڪري؟ هن چيو ته هن لمحي تائين پهچڻ ۾ اسان کي 3000 سال لڳي ويا. ڇا توهان يقين ڪري سگهو ٿا؟ ۽ هيءُ قائم رهندو. اهو فولڊر پوءِ مصري صدر السيسي کي ڏنو ويو، جن ٽرمپ کان پوءِ ان تي صحيون ڪيون.ٽرمپ معاهدي تي صحيحن واري تقريب دوران چيو: "سڀ ماڻهو خوش آهن. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ فیلڊ مارشل عاصم منير جو پڻ شڪريو ادا ڪيو.آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته مان وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ۽ پسنديده فيلڊ مارشل عاصم منير، جيڪي هتي موجود نه آهن، جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. ٽرمپ پوءِ وزيراعظم شهباز شريف کي خطاب ڪرڻ لاءِ سڏيو.