پاڪستان آمريڪا سان ڪاروبار بابت خاطريون ڪرايون آهنۡ:چين

بيجنگ (م ڊ) چين پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌندڙ سرحدي تڪرار تي سخت  ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته هو چيني شهرين ۽ سيڙپڪاري جي تحفظ کي يقيني بڻائن، رپورٽن موجب پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري جهيڙن جو سلسلو ڇنڇر جي رات شروع ٿيو ۽ آچر جي صبح تائين جاري رهيو، آءِ ايس پي آر موجب ڪابل جي جارحيت جو جواب ڏيڻ دوران 23 پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا، جڏهن ته طالبان ۽ سندن ساٿين جا لڳ ڀڳ 200 جنگجو مارجي ويا، چين ٻنهي ملڪن جو تڪرار گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لِن جيان پريس بريفنگ ۾ چيو ته چين پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪابل ۽ اسلام آباد پرامن ۽ محتاط رهندا ۽ ڳالهين وسيلي پنهنجا اختلاف حل ڪندا ته جيئن تڪرار ۾ وڌيڪ شدت نه اچي، گذريل آگسٽ ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ ڙي ڪابل ۾ پاڪستاني ۽ افغان هم منصبن سان ملاقات دوران ٽنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.