ڇويهين ترميم نه ٿئي ها ته جسٽس يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه ٿئي ها\جسٽس مندوخيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن 26هين آئيني ترميم نه ٿئي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي ها. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس عائشا ملڪ چيو توهان چاهيو ٿا ڇو معاملو آئيني ترميم بابت آهي تنهن ڪري فل ڪورٽ جوڙي وڃي، ان تي وڪيل عابد زبيري چيو ته فل ڪورٽ ذريعي معاملي تي سڀني ججن جو اجتماعي وزڊم اچي ويندو. جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته توهان ٻڌايو 17 ججن جي ئي فل ڪورٽ ڇو، 24 ججن جي ڇو نه؟ توهان ڇو چاهيو ٿا ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ ٺهي؟ جسٽس عائشا ملڪ سوال ڪيو ته توهان جي درخواست ڇا آهي؟ ان تي وڪيل چيو ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ موجود ڪيسن کي ٻڌڻ گهرجي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان جيڪڏهن بينيفيشري آهيون (26هين ترميم جا) ته ڇا اسان بينچ ۾ ويهي سگهون ٿا؟ 26هين آئيني ترميم نه ٿئي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي ها، ڇو ته وقت مقرر هو، چيف جسٽس کي الله حياتي ڏئي، سينيئر پيوني کي چيف جسٽس ٿيڻو هو پر نه بڻجي سگهيو.هن چيو ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ وارن ججن جي فل ڪورٽ لاءِ ڪجهه ججن کي ڪڍڻو پوندو، جڊيشل ڪميشن چئي ڇڏي ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج آئيني بينچ جا ججن آهن ته قبول هوندو؟ ان تي وڪيل عابد زبيري چيو ته ها اسان کي قبول هوندو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته "جن ترميمن تحت آئيني بينچ جوڙي وئي آهي، جيڪڏهن ان تي اعتراض ٿيندو ته پوءِ فيصلو ڪير ڪندو؟” سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران پاڪستان بار ڪائونسل جي 6 اڳوڻن صدرن جي وڪيل، عابد زبيري جا دليل مڪمل نه ٿي سگهيا.ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته "توهان کي پسند هجي يا نه، آرٽيڪل 191 موجود آهي، ان ۾ فل ڪورٽ جو لفظ ناهي. ڇا توهان نٿا سمجهو ته آئيني بينچ جا ججن پاڻ فل ڪورٽ مڪمل ڪن ٿا؟”جسٽس جمال مندوخيل چيو: "جيڪڏهن ان ترميم تي اعتراض ڪيو وڃي جنهن تحت آئيني بينچ جوڙي وئي آهي، ته پوءِ ان جو فيصلو ڪير ڪندو؟”جسٽس عائشا ملڪ چيو: "فل ڪورٽ کي به بينچ سڏيو ويندو آهي.”جڏهن ته جسٽس عائشا ملڪ اختلاف ڪندي چيو: "فل ڪورٽ کي بينچ نٿو چئي سگهجي.”جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو: "جيڪڏهن آئيني بينچ موجود آهي، ته ڇا اهو فل ڪورٽ ٺاهي سگهي ٿو؟”عابد زبيري چيو: "آئيني بينچ جوڊيشل آرڊر جاري ڪري سگهي ٿو، ڇو ته هاڻي چيف جسٽس ‘ماسٽر آف دي روسٽر’ نه رهيا آهن.”جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو: "ڇا آئيني بينچ چيف جسٽس کي هدايت ڏئي سگهي ٿو ته فلاڻو جج رکجي ۽ فلاڻو نه؟”آخر ۾ عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ۽ جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته "ايندڙ ٻڌڻي تي وضاحت ڏيو ته ڇا آرٽيڪل 191 تحت آئيني بينچ جا جج ئي فل ڪورٽ کي مڪمل ڪن ٿا يا نه؟”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.