”هارين جو معاشي قتل عام روڪيو“ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي ريلي،ڌرڻو

ڪراچي/ ڪنڌڪوٽ( رپورٽر+ن ع آ) جماعت اسلامي ڪسان بورڊ پاران سارين جي اگھن ۾ گھٽتائي توڙي ناجائز ڪٽوتي خلاف سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ  جي قيادت ۾ گھنٽا گھر کان ھارين جي حقن لاءِ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ھاري آباد گار توڙي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،مظاهرين ھارين کي حق ڏيو سارين جو اگھ ڏيو جا نعرا ھڻندي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو تہ ھارين کي ھاري ڪارڊن نہ پر سارين جو اگهه ڏيو. ھارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي.ھن گھر ڪئي تہ آبادگارن سان ناانصافي ختم ۽ سارين جو اگھ گھٽ ۾ گھٽ چار ھزار رپيا ڪيو وڃي. ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سڄي سنڌ ۾ هاري ۽ زميندارگذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لاڳيتو پاڻي جي کوٽ، ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ٿيڻ مهانگي ٻج، دوائن جي اڻ هوند خلاف سراپا احتجاج آهن، پر  گونگن ۽ ٻوڙن حڪمرانن جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري. اٽو پنج هزار رپيا مڻ جڏهن ته ڪڻڪ ۽ ساريون 2200 سئو رپيا مڻ خريد ڪرڻ آخر اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟ صوبائي امير وڌيڪ چيو ته هتان جا وڏا سرمايادار ۽ ملن جا مالڪ فصل لهڻ شرط  ھاريء ۽ آبادگار جي پوکيل ھر جنس سستي اگھ تي وٺن ٿا. جڏھن تہ ان خريد ڪيل جنس مان سرمائيدار، ڪارخانيدار پنھنجي ٺاھيل پراڊڪٽ ، چانور، کنڊ، اٽو، گيھ، آئل ۽ ٻيون شيون ڊبل اگھ تي وڪرو ڪري ڪروڙ پتي مان کرب پتي بڻجي ويا آهن، پر هاري ۽ ننڍا آبادگار اڄ به بُک ۽ بدحالي  جو شڪار آهن. ھن وقت سرمائيدارن ، ايڪسپورٽرن ۽ رائيس ملرز پاران ملي ڀڳت ڪري سارين جو ريٽ ڪيرائي ڇڏيو آھي پر ھڪ مھيني کان پوء جڏھن ساريون سرمائيدار جي گدامن ۾ بند ٿينديون تہ ريٽ چار ھزار کان بہ چڙھي ويندو. هن سنڌ حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته هارين ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، سورج مکي سميت ڪيش ڪراپ جو جائز اگهه ڏيڻ سميت ڍل، آبيانو ۽ لئينڊ ٽيڪس توڙي ٻيا چارجز ۽ زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. ٻج  ڪيميائي ڀاڻ، ڊيزل  جي اگهن ۾ رعايت ڪئي وڃي.ننڍن آبادگارن کي اڌ قيمت تي ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار ڏنا وڃن.زرعي ٻجن جو بهتر اگھه تي ملڻ کي يقيني بڻايو ان موقعي تي حافظ نصرالله چنا، امدادالله بجاراڻي، غلام مصطفى ميراڻي، ڪسان بورڊ جي اڳواڻ استاد حفيظ الله گولو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.