افغان پاليسي تي نظرثاني ٿيندي، هتي صرف عمران خان جي هلندي\سهيل آفريدي

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جو اميدوار سهيل آفريدي 90 ووٽ کڻي خيبر پختونخوا جو 30 هون وڏو وزير چونڊجي ويو، اپوزيشن طرفان احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو ويو، وڏو وزير چونڊجڻ کانپوءِ سهيل آفريدي خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو پي ٽي آءِ باني جو ٿورائتو آهي جنهن هڪ عام ورڪر کي جنهن جو نه ڀاءُ، نه پيءُ ۽ نه ئي چاچو سياست ۾ آهي، هن عهدي لاءِ چونڊيو، پرچي ذريعي وزيراعليٰ ناهيان بڻيو، محنت ڪري هتي پهتو آهيان، هن چيو ته مان سڀ کان پهريان پاڪستاني، پوءِ پختون ۽ قبائلي آهيان، نالي سان زرداري يا ڀٽو لڳائڻ سان ڪو ليڊر ناهي بڻجي ويندو، اسپيڪر بابر سليم سواتي رولنگ پڙهندي چيو ته نئين قائد ايوان جو طريقيڪار آئين موجب هوندو ۽ پوءِ چونڊيل وڏي وزير جو نالو اعلان ڪيو ويندو، اسپيڪر خيبرپختونخوا اسيمبلي نئون قائد ايوان چونڊڻ جو طريقو ٻڌايو، جنهن کانپوءِ اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي ۽ 90 ايم پي ايز سهيل آفريدي کي نئون قائد ايوان چونڊيو. چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر بابر سليم سواتي اعلان ڪيو ته صوبائي اسيمبليءَ جي پي ڪي 70 جي رڪن سهيل آفريدي 145 ميمبرن جي ايوان ۾ 90 ووٽ کڻي خيبر پختونخوا جو وڏو وزير چونڊجي ويو، ڪي پي جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته مون وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، نه ڪرسي آهي نه پئسو آهي، پي ٽي آءِ باني کي ان جي فيملي جي مشوري کانسواءِ ڪيڏانهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ته سڄو ملڪ جام ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته هن چيو ته مهرباني ڪري اوهان افغانستان جي پاليسي تي نظرثاني ڪريو، جيڪا به پاليسي ٺاهيو ان ۾ ڪي پي جي حڪومت، هتان جي عوام ۽ قبائلي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺو، انشاءُ الله مثبت جواب ايندو، هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت کي ٻڌايو ويو هو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان ڪي پي ۾ دهشتگردي آڻي رهيا آهيو ته اوهان اهو پختونن جي سرن جو سودو ڪري رهيا آهيو، ماڻهن جڏهن مزاحمت شروع ڪئي ۽ جلسا جلوس شروع ٿيا ته ڪجهه ماڻهو ڀڄي ويا، جڏهن اسان سوال ڪيون ٿا ته هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي اچي رهي آهي ته اوهان چئو ٿا ته هي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، هن چيو ته جهڙي طرح اسان جو ليڊر ملٽري آپريشن خلاف آهي، مان يقين ڏياريان ٿو ته اسان جي هوندي ڪو به آپريشن نٿو ڪري سگهي، فوجي آپريشن مسئلي جو حل ناهي، دنيا ڊائلاگ طرف وڃي رهي آهي، اوهان جيترا به آپريشن ڪيو دهشتگردي پوءِ به واپس اچي ويندي، يعني آپريشن ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، سمورا فيصلا بند ڪمرن ۾ ڪيا ويا، ذات جي لاءِ فيصلا ڪيا ويا، اهي هن مسئلي جو حل ناهن.، هن چيو ته سڀ کان وڏي اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم آهي، جنهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، سرڪاري گاڏين ۽ پروٽول ڪو شوقين ناهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.