اسلام آباد (بيورو) حڪومتي وفد جي جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات، خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جي يو آءِ (ف) جي ميڊيا سيل پاران ”ايڪس“ تي جاري بيان موجب، ملاقات مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ نواز ليگ وفد ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، امير مقام ۽ اعظم نذير تارڙ شامل هئا، ان ملاقات ۾ جي يو آءِ (ف) جي طرفان مولانا لطف الرحمان، علامه راشد محمود سومرو، ايم پي اي سجاد خان ۽ مخدوم آفتاب شاهه شرڪت ڪئي، ذريعن موجب ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ ٿيندڙ وزيراعليٰ جي چونڊ هڪ غير آئيني عمل آهي، جنهن کي قبول نٿو ڪري سگهجي، اڳواڻن چيو ته اسيمبلي جي اپوزيشن پارٽيون هن عمل کي تڪراري ۽ غير قانوني سمجهن ٿيون ۽ هو عدالت ذريعي ان کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن، هنن اميد ظاهر ڪئي ته چيف جسٽس ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ هن تڪراري پارلياماني عمل جو حصو نه بڻجندا پر آئيني گهرجن موجب صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
-
مخالف ڌر پاران سهيل آفريدي جي چونڊ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان
پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر عبادالله وڏي وزير سهيل آفريدي جي چونڊ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبادالله چيو اسان ته ڪالهه تائين سمجهي رهيا هئاسين استعيفيٰ منظور ٿي، تنهن ڪري ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. هن چيو ته انهن جو وڪيل چئي رهيو آهي اهو ٺيڪ آهي، اسان چئي رهيا آهيون ته غلط آهي، وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني آهي ۽ اپوزيشن عدالت ويندي.
-
ڪي پي جو وڏو وزير ٻن عورتن جي جهيڙي سبب ويو:عظميٰ بخاري
لاهور (بيورو) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو هڪ وزيراعليٰ اڃا ڊي نوٽيفاءِ ٿيو ئي ناهي ته ٻيو ڪيئن وزيراعليٰ چونڊجي سگهي ٿو؟ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري نئين چونڊيل وزيراعليٰ سهيل آفريدي تي تنقيد ڪندي چيو ته هو خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ وڏا بيان ڏئي رهيو هو ته هو پرچي وزيراعليٰ ناهي پر حقيقت ۾ هو ”فرشي وزيراعليٰ“ آهي، عظميٰ بخاري چيو ته اڳوڻو وزيراعليٰ ڪنهن بي اعتمادي سبب نه پر ٻن گهرن جي عورتن جي جهيڙي سبب وزارت کان ويو، هن جو چوڻ هو ته جڏهن پهريون وزيراعليٰ قانوني طور عهدي تان هٽايو ئي نه ويو آهي ته نئون چونڊجڻ ڪيئن جائز ٿي سگهي ٿو؟
-
امن امان بابت سرڪاري اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت ڏيو: ڪراچي جو واڍو عدالت پهچي ويو
ڪراچي (رپورٽر) واڍو امن امان بابت سرڪاري اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت لاءِ عدالت پهچي ويو، ڪراچي جو هڪ واڍو امن ۽ امان بابت سرڪاري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اجازت وٺڻ پهتو، ٻڌڻي دوران عدالت درخواست گذار کان پڇيو ته اوهان ڇا ڪم ڪندا آهيو؟ جنهن تي هن ٻڌايو ته مان واڍو آهيان، جنهن تي قائم مقام چيف جسٽس چيو ته پنهنجي درخواست ۾ لکيل پڙهو، درخواستگذار عدالت ۾ موقت اختيار ڪيو ته ڀارتي وزير ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ان تي قائم مقام چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڀارتي وزير جو حوالو ڏيندي اوهان کي شرم نٿو اچي؟ ڪنهن جي مفاد لاءِ عدالت آيا آهيو؟ بعد ۾ عدالت درخواستگذار جي رينجرز کي ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ واري درخواست پنجويهه هزار رپيا ڏنڊ هڻي رد ڪري ڇڏي.