ٽي ايل پي جو احتجاج، سنڌ ۾ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ هڪ مهيني لاءِ دفعو 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ڪنهن به احتجاج، مظاهري، ڌرڻي، ريلي يا پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻي تي پابندي هوندي. گهرو کاتي پاران جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته امن امان برقرار رکڻ ۽ عوامي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هي قدم کنيو ويو آهي. قانون موجب، ضلعي انتظاميا کي اختيار آهي ته هو مخصوص علائقن ۾ عارضي طور ميڙاڪن تي پابندي مڙهي سگهي. نوٽيفڪيشن ۾ پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هي حڪم تڏهن جاري ٿيو آهي، جڏهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) فلسطينين سان ايڪي لاءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪري رهي آهي ۽ ان جا ڪارڪن مريدڪي ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آهن جتي پڻ پوليس سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.