پشاور(م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌندڙ سرحدي ڇڪتاڻ کان پوءِ، پاڪستان حڪومت طورخم ۽ چمن سميت افغانستان سان لاڳاپيل سڀني اهم بارڊر ڪراسنگ پوائنٽن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري ذريعن موجب، افغان فورسز ڇنڇر جي رات پاڪستاني سرحدي چوڪين تي حملا ڪيا، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني فورسز به مؤثر ڪارروائي ڪندي ڪيترين ئي افغان چوڪين کي تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪستان طورخم ۽ چمن جا مرڪزي بارڊر بند ڪرڻ سان گڏ، ٽي ذيلي ڪراسنگ پوائنٽس خرلاچي، انگور اڏو ۽ غلام خان به بند ڪري ڇڏيا آهن. مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته حفاظتي قدمن تحت سرحد تي اچ وڃ مڪمل طور تي معطل ڪئي وئي آهي.