پشاور/راولپنڊي (م ڊ) پاڪ، افغان بارڊر تي افغانستان طرفان بنا سبب فائرنگ جي جواب ۾ پاڪ فوج ڀرپور ڪارروائي ڪندي 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ خارجي ماري ڇڏيا، جڏهن ته پاڪستان جي 23 بهادر جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب افغان طالبان ۽ ڀارتي حمايت يافتا خارجين رات جي وقت پاڪ، افغان سرحد تان پاڪستان تي بنا سبب حملو ڪيو، جنهن جو مقصد دهشتگردي جي سهولتڪاري لاءِ سرحدي علائقن کي غير مستحڪم ڪرڻ هو. آءِ ايس پي آر ترجمان ٻڌايو ته پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ فائرنگ ۽ حملن سان گڏ طالبان جي ڪيمپن، چوڪين ۽ تربيتي مرڪزن تي ڇاپا به هنيا ويا، طالبان جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا ۽ افغان سرحد تي دشمن جي 21 چوڪين کي قبضي ۾ ورتو ويو. ترجمان موجب حملن ۾ ملوث ڪيترين ئي تربيتي ڪيمپن کي به ناڪارا بڻايو ويو، چڪرين دوران پاڪستان جا 23 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 29 فوجي زخمي ٿيا.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪارروائي دوران 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ خارجي ماريا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ڪيا ويا، طالبان جي پوسٽن، ڪيمپن، هيڊ ڪوارٽرز ۽ دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي کي به تباهه ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج عوام جي سلامتي، جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي، افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، اها سنگين شرپسندي طالبان پرڏيهي وزير جي ڀارت دوري دوران پيش آئي، جيڪو خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته طالبان حڪومت فتنه الهندوستان، فتنه الخوارج ۽ داعش جي خاتمي لاءِ فوري طور قدم کڻي، پاڪستان دهشتگردي جي هدفن کي مسلسل بي اثر ڪري پنهنجي عوام جي دفاع جي حق جو استعمال جاري رکندو.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري افغانستان جي جارحيت تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته افغان قيادت پاڪستان مخالف دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي. هتي صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي قومي مفادن، علائقائي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڪنهن به تڪراري يا گمراهه ڪندڙ موقِف کي پاڪستان ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني دعويٰ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قرادادن جي خلاف آهي، جڏهن ته افغان قيادت والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي واري جدوجهد کان منهن موڙي تاريخ ۽ اُمّت ٻنهي سان ناانصافي ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ وڏو خطرو آهن، دهشتگردي خلاف جنگ گڏيل ذميواري آهي، ڪنهن هڪ ملڪ تي ان جو بار نٿو رکي سگهجي، اميد ته افغان حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيندي. وزيراعظم شهباز شريف افغانستان جي شرپسندي تي ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ حملن ۾ ملوث افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن ڪامياب ڪارروائين دوران شهادت ماڻيندڙ 23 جوانن کي به ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت تي فخر آهي، پاڪستان جي دفاع تي ڪا سودي بازي نه ٿيندي ۽ هر شرپسندي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪ فوج سدائين هر قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي.سندس چوڻ هو ته سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي، دهشتگرد تنظيمن کي افغانستان ۾ موجود عنصرن جي حمايت حاصل آهي، پاڪستان اميد رکي ٿو ته افغان نگران حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندي. 03