اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت کان ٻاهرين صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس فوري گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. وفاقي گادي واري شهر مان جاري ڪيل پريس رليز موجب، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو اجلاس محمود خان اچڪزئي جي صدارت ۾ مصطفيٰ نواز کوکر جي رهائشگاهه تي منعقد ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ ٻاهرين صورتحال ۽ مخالف ڌر جي حڪمت عملي تي بحث ڪيو ويو. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان افغانستان تي سعودي عرب جي موقف جي حمايت ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور تي ٻاهرين صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ وفاقي وزيرن جي مداخلت جي مذمت ڪئي ڪئي. اڳواڻن چيو ته غير آئيني اپائن سان صوبي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. اقتدار جي منتقلي ۽ وڏي وزير جي چونڊ پي ٽي آءِ جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي. تحريڪ مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت غير آئيني قدمن کان پاسو ڪري. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ جو فيصلو جمهوري قدرن جي ابتڙ آهي. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو هارس ٽريڊنگ کي هٿي ڏيڻ جو واضح پيغام آهي. تحريڪ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اڳواڻن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي ساک کي نقصان پهچائي چڪا آهن. صوبائي حڪومتون مقامي عوام جي مشاورت سان امن امان بهتر بڻائين.