فيلڊ مارشل عاصم منير ، اڳوڻن آرمي چيفن کان ڪافي مختلف ثابت ٿيو آهي. ماضي جي فوجي جرنيلن جي ابتڙ، کين نه ته ذاتي ڏيکاءُ جو شوق آهي، نه ئي پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ جو. هو وزيراعظم کي هيٺ ڏيکارين ٿو، نه ئي سندس عزت ۾ گهٽتائي ڪري ٿو، بلڪه وزيراعظم سان پنهنجي ٽيم جي هڪ ذميوار ميمبر طور ڪم ڪري ٿو. هن گڏيل سهڪار ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو به وڏو ڪردار آهي، جيڪو به ماضي جي سڀني وزيراعظمن کان مختلف ثابت ٿيو آهي. پر ماضي جي فوجي غلطين سبب پاڪستان اڄ انهن خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪي ان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي، اسٽريٽجڪ سوچ ۽ ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا بابت حڪمت عملي ۾ بنيادي ۽ معنيٰ خيز تبديلي نه آندي ته پاڪستان جا مخالف ۽ حريف ملڪ گڏ ٿي سگهن ٿا، جنهن جو نتيجو اهڙو سنگين سيڪيورٽي چئلينج ٿي سگهي ٿو، جنهن کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو.
پاڪستان هڪ اهڙي وقت ۾ افغانستان ۾ موجود تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، جڏهن افغان طالبان جو پرڏيهي وزير ڀارت جي دوري تي ويل آهي. پاڪستان جي ان آپريشن کان پوءِ ڀارت افغان طالبان کي پاڪستان خلاف مدد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. افغان طالبان جي حڪومت غير قانوني آهي، ڇو ته اها عوامي مرضيءَ سان نه، پر بندوق جي زور تي قائم ٿيل آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته طالبان کي افغانستان تي قبضو ڪرائڻ ۾ مدد پاڪستان ئي ڪئي هئي. افغانستان تي طالبان جي آفت پهريون ڀيرو 1994ع ۾ پاڪستان آندي وئي هئي. مان اُن وقت پشاور ۾ صحافت ڪري رهيو هوس، جڏهن ميجر جنرل نصيرالله بابر وزير داخلا هئو، پر افغان معاملن ۾ مداخلت کي پنهنجو فرض سمجهندا هو. جنرل بابر سان منهنجو لاڳاپو شاگرديءَ واري زماني کان هو. 1985ع ۾ جڏهن جنرل ضياءُالحق جي غير قانوني حڪومت مون کي ڪوڙن پر خطرناڪ الزام هيٺ قيد ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن جنرل بابر منهنجي مدد ڪئي ۽ حڪومت کي غلط ثابت ڪيو. ان وقت کان وٺي مون وٽ سندن عزت هئي، پر طالبان جي معاملي ۾ اسان جو تعلق ٽُٽي ويو، ڇو ته مون شروع کان ئي ان منصوبي جي مخالفت ڪئي. بابر صاحب طالبان جو سرپرست هو ۽ مون کين بار بار چيو ته هو وڏي غلطي ڪري رهيو آهي. بينظير ڀٽو جي سامهون به مون اها ڳالهه ورجائي هئي ۽ پوءِ 1994ع کان 1998ع تائين طالبان پروجيڪٽ تي مسلسل تنقيدي مضمون لکندو رهيس. ان وقت حامد مير به اسان جي اخبار ۾ هوندو هو، جيڪو طالبان جو وڏو حامي هو. هن به مون کي طالبان تي تنقيد ڪرڻ کان روڪيو، پر وقت ثابت ڪيو ته حق تي ڪير هو. اڄ جڏهن طالبان ۽ ڀارت هڪ ٻئي سان گڏجي رهيا آهن، ۽ طالبان جو هڪ گروهه پاڪستان تي حملا ڪري رهيو آهي، ته صاف ظاهر آهي ته ماضي ۾ ڪير درست هو ۽ ڪير غلط. اها سٺي ڳالهه آهي ته هاڻي پاڪستان طالبان جي حمايت کان هٿ ڪڍي چڪو آهي ۽ ڀارت جي دٻاءَ هيٺ به نه ٿو اچي. عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو ڀارت مٿان واضح فوجي برتري حاصل ڪئي آهي. ڀارتي سياسي قيادت ۽ جرنيل اڃا تائين ان غير متوقع شڪست تي حيران آهن. اڳتي هلي جيڪي به جنگيون يا فوجي جهيڙا ٿيا، انهن ۾ اڪثر ڀارت جو پلڙو ڳرو رهيو، پر هن ڀيري پاڪستاني فضائيه ۽ فوج صرف چار ڏينهن ۾ ڀارت کي گوڏن ڀر جهڪائي ڇڏيو.
دنيا پاڪستان جي فضائي ۽ فوجي مهارت، دفاعي حڪمت عملي ۽ چين سان اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جي مظاهري تي حيران آهي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ نئون دفاعي معاهدو به موجوده قيادت جي ڪاميابي آهي. پاڪستان کي پنهنجي ان ڪاميابيءَ جو جشن ملهائڻ جو پورو حق آهي، جڏهن ته ڀارت پنهنجي شڪست سبب پڄري رهيو آهي، تنهنڪري ان جا الزام ۽ پروپيگنڊا سمجهي سگهجن ٿا. ڀارت پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ طالبان سان هٿ ملايو آهي، جيئن اوڀر ۽ اولهه ٻنهي سرحدن تان پاڪستان تي دٻاءُ وڌائي. اهو وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي اها خطرناڪ راند بند ڪرڻي پوندي، پنهنجي انا ۽ تڪبر کي پوئتي رکندي هڪ نئين، دور انديش ۽ عقلي حڪمت عملي اختيار ڪرڻو پوندو.
پاڪستان جي فوجي ڪاميابيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته هاڻي سڀ مسئلا ختم ٿي ويا آهن. حقيقت ۾ خطرا وڌيڪ وڌي ويا آهن. ڀارت معاشي، ٽيڪنالاجي ۽ فوجي لحاظ کان پاڪستان کان وڌيڪ مضبوط آهي. ورلڊ بينڪ موجب ڀارت جي معيشت هن سال 6.5 سيڪڙو جي شرح سان وڌندي ۽ دنيا جي طاقتور معيشتن مان هڪ رهندي. ڀارت ڪيترن ئي طريقن سان پاڪستان لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو، جيئن طالبان ۽ بلوچ ڌار گروهن جي مدد سان ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪري رهيا آهن. تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌي آهي، آزاد ڪشمير ۾ به بدامني آهي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ تشدد وڌيو آهي ۽ اڳوڻن قبائلي علائقن ۾ طالبان جو اثر وڌي ويو آهي. ڀارت، اسرائيل ۽ ڪجهه مغربي ملڪ پاڪستان ۾ عدم استحڪام کي پنهنجي مفاد ۾ سمجهن ٿا. فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف سبب اسرائيل پاڪستان کي سخت ناپسند ڪري ٿو. مون کي گذريل ٽن ڏهاڪن دوران ڪيترن ئي صهيوني سياستدانن ۽ آمريڪي مشيرن سان بحث ڪرڻ جا موقعا مليا آهن ۽ منهنجي تجربي موجب اسرائيلي قيادت ۽ صهيوني فڪر پاڪستان کي پنهنجو خطرو سمجهن ٿا.
اسرائيل لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو آسان رستو ڀارت آهي. آمريڪا ۾ موجود صهيوني لابي به پاڪستان کي ڪمزور رکڻ چاهي ٿي. آمريڪي رويو في الحال نرم آهي، پر اهو عارضي آهي، ڇو ته آمريڪي نظام تي صهيوني اثر غالب آهي. اهي پاڪستان ۽ ايران کي "گريٽر اسرائيل” جي قيام ۾ رنڊڪ سمجهن ٿا. ماضي ۾ پاڪستاني فوج مذهبي انتهاپسنديءَ کي بطور اوزار استعمال ڪيو. پر ان پاليسيءَ جو نتيجو اڄ پاڪستان ۾ شدت، تشدد ۽ عدم برداشت جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. عالمي صهيوني ميڊيا ان صورتحال کي استعمال ڪندي پاڪستان کي هڪ انتهاپسند ۽ خطرناڪ ملڪ طور پيش ڪيو ۽ اڄ دنيا جو وڏو حصو پاڪستان کي اهڙي ئي نظر سان ڏسي ٿو. پاڪستان اڄ جنهن بحران ۾ ڦاٿل آهي، اهو ماضي جي فوجي پاليسين جو نتيجو آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير انهن غلطين کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڀارت خلاف فوجي ڪاميابي کان پوءِ ملڪ جون تقريباً سڀ سياسي پارٽيون، ڪاروباري حلقا ۽ ميڊيا جي ڳري اڪثريت سندن نئين پاليسي جي حمايت ڪري رهي آهي. سفارتي سطح تي به پاڪستان جي پوزيشن بهتر آهي.
هاڻي موقعو آهي ته فيلڊ مارشل پاڪستان کي اُن دائري مان ڪڍي، جنهن ۾ اهو 78 ورهين کان ڦاٿل آهي. اها تبديلي ڀارت کي ٽوڙڻ يا مذهبي نعرا هڻڻ سان نه ايندي، پر سوچ، پاليسي ۽ عمل جي نون رستن سان ممڪن ٿيندي. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي تربيت دوران ڀارت مخالفت کي فخر سمجهن ٿا. ان سوچ کي بدلائڻ سولو ناهي. ڀارت سان مستقل دشمني ختم ڪرڻ لاءِ سوچ ۽ حڪمت عملي ۾ وڏيون تبديليون ضروري آهن. ان لاءِ هيٺ ڪجهه تجويزون ڏجن ٿيون:
پاڪستان کي ڪشمير بابت حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، فوجي طاقت سان ڪشمير آزاد نٿو ٿي سگهي، ڀارت وارو حصو هاڻي ڀارت ۾ ضم ٿي چڪو آهي، تنهنڪري ازلي دشمني واري پاليسي ڇڏڻ گهرجي. پاڪستاني ڪنٽرول هيٺ ڪشمير کي هڪ اهڙي مثالي رياست بڻائڻ گهرجي، جتي عوام کي آزادي، روزگار، امن ۽ عزت حاصل هجي، جيئن ڀارتي ڪشمير جا ماڻهو پاڻ اهڙي زندگيءَ جو مطالبو ڪن. ڀارت سوڙهو ڪرڻ لاءِ اتان جي مختلف ويڙهاڪن ۽ عليحدگي جي تحريڪن جي مدد ڪرڻ بدران، پاڪستان کي سنجيدگي سان مستقل امن جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اها معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي. افغانستان ۾ امن ڀارت لاءِ به فائديمند آهي، ڇو ته ان کي يوريسيا تائين واپار ۽ توانائي جا رستا ملندا. ڀارت خلاف فوجي ڪاميابي پاڪستان لاءِ امن جو سونهري موقعو ٿي سگهي ٿي. هاڻي جڏهن پاڪستان جي پوزيشن مضبوط آهي، ته ان کي طنز ۽ ڌمڪين بدران دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ گهرجي. جيڪڏهن وزيراعظم شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير گڏجي ڀارت جو دورو ڪن ۽ نواز شريف ۽ بلاول به ساڻ هجن، ته اهو هڪ مثالي قدم ٿيندو. اها صلح جي ڪوشش پاڪستان جو سفارتي ماسٽر اسٽروڪ ثابت ٿيندي. پاڪستان کي آمريڪا ۽ مغرب تي ڀاڙڻ بدران علائقائي اتحاد مضبوط ڪرڻ گهرجن. پاڪستان ۽ ڀارت شنگھائي آرگنائيزيشن جا ميمبر آهن، پر دشمني سبب ان مان فائدو نه وٺي رهيا آهن. امن سان سڄي ايشيا ۾ نوان واپاري ۽ ثقافتي دروازا کلي سگهن ٿا. جيڪڏهن دشمني ختم ٿئي ته پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي "بريڪس” ۾ عالمي اهميت حاصل ڪري سگهن ٿا.
نيا ۾ مغربي بالادستي ختم ٿي رهي آهي ۽ غير مغربي قومن لاءِ اهو موقعو آهي. ڀارت ۽ پاڪستان گڏجي نئين عالمي نظام جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ۽ گڏيل طور تي گڏيل قومن ۾ مستقل حيثيت حاصل ڪري سگهن ٿا. تازو آمريڪا جو ڀارت سان رويو، مغربي غرور ۽ خودغرضيءَ جي واضح علامت آهي. اولهه وارا پاڪستان ۽ ڀارت کي ”نسلن جي بنياد“ تي هيٺيون قومون سمجهن ٿا. اصل ۾ مغرب اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي سان وڙهائڻ چاهي ٿو، جيئن پنهنجو راڄ قائم رکي.هي صدي غير مغربي قومن جي آهي، پر زوال پذير مغرب پنهنجي بالادستي آسانيءَ سان نه ڇڏيندو. اهو شايد جنگ ۽ ايٽمي تشدد تائين وڃي. ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ غير مغربي ملڪن جي اتحاد ۽ اتفاق جي تمام گهڻي گهرج آهي.