حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ حڪومت غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ھٿرادو جواز پيدا نه ڪري. ملڪ جا 3 صوبا غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏئي رھيا آھن ۽ سنڌ حڪومت رشتيداريون ڪرڻ جا من گھڙت جواز پيدا ڪري رھي آھي، اياز لطيف پليجي بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ ۽ گھرو وزير ضيا ءلنجار سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته جيڪڏھن توھان کي ذميداري جو ۽ سنڌ جو ٿورو به احساس آھي ته سڄي سنڌ مان افغاني سميت سمورا اليگل اميگريشن واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پاران افغانين سميت اليگل اميگرينٽس کي تحفظ ڏيڻ ملڪ جي امن، سلامتي کي خطري ۾ وجھڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۽ ووٽ جي لالچ ۾ ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ نه وجھن ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو نه ٿين. ھر ملڪ کي پنھنجا مفاد عزيز آھن، پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جا مفاد عزيز آھن پر پاڪستان ۾ ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي ھٿي ڏني وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سمورن وڏن شھرن ۾ غير قانوني افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي ڪالونيون ٺاھي قابض ويٺل آھن، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي روزگار جي وسيلن تي قابض آھن، اھي دھشتگردي جي واقعن ۾ استعمال ٿين ٿا، سنڌ جي خوراڪ، پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا وسيلا استعمال ڪن ٿا، اھي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي رھيا آھن، سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪري رھيا آھن.