کروهي ۾ تهمت لڳايل عورتون منظر تي اچي ويون، ڀوتارن هٿان مارجڻ جو خطرو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ:خالد وسير) گهوٽڪي ضلعي ۾ جرڳن خلاف ڪارواين بعد ڪارنهن الزام هيٺ آيل عورتون منظر عام تي اچي ويون آهن، الزام هيٺ آيل عورتن جو چوڻ آهي ته جرڳائي وڏيرا  بااثر آهن اسان نالا کڻندا سين ته قتل ڪري ڇڏيندا, جن تي ڪيس داخل ٿيو آهي اسان جا جرڳا انهن ناهن ڪيا جرڳا ڪندڙ وڏيرا اڃا ڪي ٻيا آهن.گهوٽڪي ضلعي جي کروهي واري علائقي ۾ 5 عورتن کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي جرڳا ڪرڻ واري معاملي تي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ ۽ جرڳائين خلاف وٺ پڪڙ بعد ڪارنهن الزام هيٺ آيل عورتون سخيجان زال ارشاد شر, عاصمہ زال شبير شر, ناديه زال واجد شر منظر عام تي اچي ويون آهن . ناديه شر مٿان ڪارو ڪاري جو الزام لڳڻ بعد سندس مڙس واجد شر کائنس هڪ سال جو پٽ به کسي ورتو آهي. ان سلسلي ۾ عورت عاصمہ شر ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي مٿان ڪارنهن جا الزام لڳائي جرڳا ڪري الزام هيٺ آيل ڌرين کان ڏنڊ وصول ڪيا ويا ۽ جرڳن فتوي ڏني ته هاڻ اسان الزام هيٺ آيل عورتون ضلعي ۽ صوبي کان ٻاهر يا ڪچي ۾ شادي ڪري سگهنديوسين. کروهي ۾ شادي نٿيون ڪري سگهون عورت عاصمہ شر ٻڌايو ته شادي جي هڪ سال بعد مونکي الزام هيٺ گھران ڪڍي جرڳو ڪيو ويو.عورتن وڌيڪ چيو ته اسان جي مڙسن تي ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو آهي جرڳا ڪندڙ بااثر وڏيرا آهن اسان انهن جا نالا نٿا کڻي سگهون نالا کڻندا سين ته اسان کي قتل ڪري ڇڏيندا هنن چيو ته جرڳن واري ڪيس ۾ جن جا نالا آهن روشن شر, ميرحسن شر, زبرو شر, علي حسن شر اسان جا جرڳا انهن ناهن ڪيا اهي وڏيرا اڃا ٻيا آهن جن جا نالا اسان نٿا کڻي سگهون. پوليس به پاڻ ڪيس داخل ڪيا آهن اسان پوليس کي ناهي چيو.

اسان جرڳو ناهي ڪيو، ڀوتار فرزانا شر جي وارثن کي ورغلائن پيا: لطف ميان شر

ميرپورماٿيلو: گهوٽڪي ضلعي جي کروهي جرڳا ڪندڙن خلاف پوليس ڪارواين جو سلسلو جاري آهي هوڏانهن هڪ جرڳي جي الزام هيٺ آيل قومي عوامي تحريڪ گهوٽڪي ضلعي جي صدر لطف  ميان شر روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته واقعي ئي وڏيرن 5 عورتن کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي جرڳا ڪري ڏنڊ وصول ڪيا آهن اسان جي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن اهڙن جرڳن کي وائکو ڪيو جنهن بعد جرڳائي وڏيرا اسان مٿان ڏمرجي پيا آهن لطف ميان شر وڌيڪ چيو ته وڏيرا ڪارنهن الزام هيٺ ڄاڻايل ناري فرزانه شر جي والد فتح محمد شر ۽ امڙ پياري شر کي پئسا ڏئي منهنجي مٿان جرڳن جا ڪوڙا الزام هڻائي رهيا آهن ته جيئن اسان جرڳن کي وائکو نه ڪيون لطف ميان شر چيو ته اسان جو فرزانه شر واري معاملي سان ڪو به تعلق ناهي نه ئي اسان ڪو جرڳو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.