حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ مختلف تنظيمن ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته عوام کان ماني، امن ۽ زمين کسڻ بند ڪري بيروزگارن کي روزگار يا بيروزگاري الائونس ڏنو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياهه تي نوان ڪينال ۽ ڊيم، منرل ۽ مائينز ايڪٽ جو خاتمو آڻي علي وزير ۽ ماهه رنگ بلوچ سميت جبري طور کنڀي گم يا گرفتار ڪيل سياسي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، پدرشاهي هيٺ عورتن مٿان جاري جبر بند ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي کي سامراجي قوتن حوالي ڪرڻ بند ڪيو وڃي. اهڙو مطالبو ڪالهه منرل اينڊ مائينز ايڪٽ، سنڌ جي سامونڊي پٽي، درياهه ۽ زمين تي ٿيندڙ ڪارپوريٽ قبضي خلاف عوامي ورڪرز پارٽي طرفان “امن، ماني ۽ زمين” جي عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل عوامي ڪٺ کي خطاب دوران ڪيو ويو. ڪٺ کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسي سبب سنڌ جو عوام بک ۽ بدحالي جي ورچڙهي ويو آهي، هي حڪمران عوام جو رت چوسي رهيا آهن. هن چيو ته اسٽبلشمينٽ جي چوڻ تي سنڌ جي وسيلن، درياهن، زمين، جبلن ۽ ٻيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ جون زمينون سڪائي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ماحول جوڙيو پيو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪمران سنڌ ۽ سنڌي عوام سان سچا ناهن، هر پاسي کان سنڌ تي ڪاهه ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ذريعي بدامني جي باهه ٻاري وئي آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي سنڌو درياهه جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ چولستان ڪئنال ٺاهيو پيو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن سبب 6 نون ڪئنالن جي تلوار اڃا به لڙڪيل آهي، جڏهن ته منرل اينڊ مائينز ايڪٽ صوبائي خودمختياري تي حملو آهي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ قبضاگير منصوبو آهي، جنهن کي سنڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. هن چيو ته هٿ وٺي سنڌ ۾ بدامني ۽ بيروزگاري پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌي ماڻهو امن ۽ ماني پريشان آهن. هن چيو ته سنڌ پنهنجن وسيلن، پاڻي ۽ معدني زخيرن تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندي لڳاتار جدوجهد ذريعي ئي سنڌ جا وسيلا ۽ درياهه بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته سنڌ آزاد وطن رهي آهي، ارغون ۽ ٻيا جيڪي آيا اهي ختم ٿي ويا پر سدائين سنڌ رهڻي آهي. هن چيو ته اسان هن ملڪ ۾ هڪ معاهدي طور آزاد وطن جي حيثيت سان شامل ٿيا هئاسين، پر هاڻي اسان کان درياهه به کسيو پيو وڃي. هن چيو ته شهرين ۽ صحافين کي دٻائڻ لاءِ پيڪا ايڪٽ آندو ويو، هاڻي نوان قانون آڻي سنڌ خلاف سازش ڪئي پئي وڃي. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته سنڌ جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ بدامني عروج تي پهتل آهي، پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ هي حڪمران سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪري رهيا آهن، پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي زرخير زمينن کي بنجر بنايو ويو آهي، سنڌي ماڻهن جي زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سندن پارٽي 24 آڪٽوبر تي ميرپورخاص ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي رهي آهي، جنهن کان پوءِ ڀرپور تحريڪ جي شروعات ڪئي ويندي. عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ لعل شاهه چيو ته سنڌين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هڪ سازش تحت پناهگير هتي آندا ويا، پنجاب ڏيڍ سال کان سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻندو رهيو آهي، سنڌ جي وارثي ڪرڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. ناري جمھوري محاذ جي وفاقي صدر ڪامريڊ عاليه بخشل چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ سميت مظلوم قومن جي زمين ڦٻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌو درياءَ تي تڪراري فلڊ ڪينالن ۽ ڊيمن تعمير ڪري سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويندو، دريائن جا فطري ۽ تاريخي وھڪرا بحال ڪري ڊيلٽا تائين گھربل 30 ايم اي ايف پاڻي جو ڇوڙ بحال ڪري جاگيردارن کان زمين کسي بي زمين ھارياڻين ۽ ھارين ۾ ورھائي وڃي. ڪٺ کي خطاب ڪندي سيڪريٽري پورھيت مزاحمت تحريڪ نثار لغاري، پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي صدر زبير آزاد، ضياء ڀٽي، سينگار نوناري، بادل ملڪ، لطيف لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار زمينون گرين پاڪستان انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏئي چڪي آهي، هي فيصلو سراسر سنڌ جي مقامي هارين، هارياڻين خلاف ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش آهي، ڪئنالن جو فيصلو اڃا سنڌ مٿان تلوار وانگر لڙڪيل آهي. هنن چيو ته ڏيڍ صدي کان پنجاب جي حڪمرانن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو آهي، جنهن سبب سنڌ جون زرخير زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آهي. گڏيل جدوجهد ذريعي ئي سنڌ جي وسيلن، روزگار ۽ درياهه کي بچائي سگهجي ٿو.