وفاق جو سرڪاري ملازمن جي هائوس رينٽ ۾ 85 سيڪڙو واڌ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي هائوسنگ رينٽ الائونس ۾ 85 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.  ناڻي واري وزارت هائوسنگ رينٽ الاؤنس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سمري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حتمي منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي. هائوس رينٽ جي الاؤنس ۾ واڌ گريڊ 1 کان 22 تائين جي ملازمن لاءِ هوندي. واڌ مستقل ۽ ڪانٽريڪٽ سرڪاري ملازمن تي لاڳو ٿيندي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب واڌ موجودا بنيادي پگهار تي لاڳو ٿيندي. موجودا الاؤنس 2008 جي بنيادي پگهار تي ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.