اسلام آباد (م ڊ) سينيئر صحافي مجيد نظامي پنهنجي تجزيي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عسڪريت پسند گروهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ چاهيو پئي، جنهن لاءِ طالبان، لشڪر طيبا، بلوچ مزاحمتي گروهن، جسقم ۽ ايم ڪيو ايم سان به رابطا ڪيا ويا. نظامي موجب عمران خان هن پاليسي جو حامي هو، تنهن ڪري هو جنرل باجوا جو ويجهو اتحادي بڻجي ويو جڏهن ته جنرل فيض حميد ذريعي کيس سياسي ۽ ذاتي سهولتون ڏنيون ويون. هن ٻڌايو ته ان دور ۾ مجموعو نالي پاليسي تحت افغانستان مان واپس ايندڙ عسڪريت پسندن کي عام معافي ڏئي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مجيد نظامي موجب ٽي ٽي پي جو سربراهه نور ولي محسود هن پاليسي جو پورو فائدو ورتو، پر هاڻي جڏهن منصوبي جي ناڪامي واضح ٿي چڪي آهي، ته سڀ ڌريون هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن.