اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جمعي جي ڏينهن ڪابل ۾ ٿيندڙ امڪاني حملي جي سڌي تصديق کان پاسو ڪرڻ بدران افغانستان جي سرزمين تي سرگرم دهشتگردن خلاف پاڪستان جي دهشتگردي مخالف ڪاررواين کي جائز دفاع قرار ڏنو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي سلامتي ۽ ڀلائي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جي تجديد ڪري ٿو .ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان، افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪري ٿو ۽ دهشتگردي جهڙي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهين ۽ تعاون ذريعي اڳتي وڌڻ چاهي ٿو. ترجمان واضح ڪيو ته سيڪيورٽي آپريشنز مڪمل طور تي انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪيا ويا، جن جو مقصد پاڪستاني شهريءَ کي خاص طور تي ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کان بچائڻ هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن واقعي اهو حملو اسلام آباد پاران ڪابل ۾ ڪيو ويو ته اها افغان گاديءَ واري شهر ۾ پنهنجي نوعيت جي پهريائين واقعي مان هڪ هوندي.