اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ٻاهران هڪ پاڪستاني مذهبي ۽ سياسي جماعت جي احتجاج جي سڏ سبب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ رستا مسلسل ٽئين ڏينهن به بند رهيا. مذهبي جماعت 10 آڪٽوبر تي لبيڪ يا اقصيٰ ملين مارچ جي نالي سان احتجاج جو سڏ ڏنو هو. جاڙن شهرن ۾ موبائيل انٽرنيٽ سورس معطل آهي، ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي. جي ٽي روڊ، موٽروي ۽ مري روڊ به ٽريفڪ لاءِ مڪمل بند آهن. راڄڌاني ۾ ننڍين گاڏين لاءِ مارگلا روڊ کي کوليو ويو آهي پر زيرو پوائنٽ، سري نگر هاءِ وي، ڊي چوڪ، ميريٽ چوڪ ۽ سرينا چوڪ بند آهن. شهر ۾ ميٽرو بس سروس ۽ ٻيون مقامي ٽرانسپورٽ خدمتون پڻ معطل آهن. راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙ هنڌن کي به ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. هڪ ڏينهن اڳ گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري فيض آباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي چيو هو ته ڪنهن به گروپ کي ڪنهن به حالت ۾ اسلام آباد يا ڪنهن ٻئي شهر تي حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون کي پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، لاهور کان ٽن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد تائين سڀئي رستا ٽن ڏينهن کان بند آهن. جي ٽي روڊ کي ڪيترن ئي هنڌن تي ڪنٽينر لڳائي ۽ خندقون کوٽائي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايم 2 موٽر وي تي رڪاوٽون پڻ لڳايون ويون آهن. صوبائي گادي واري هنڌ لاهور جي ڊي آءِ جي آپريشنز محمد فيصل ڪامران جو چوڻ آهي ته مذهبي ۽ سياسي پارٽي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مظاهرين سان چڪرين ۾ 112 لاهور پوليس آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي اهلڪار گم آهن. سينٽرل پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ حڪمت عملي جي حصي طور، انتظاميا ٽي ايل پي احتجاجي مارچ کي روڪڻ لاءِ مختلف هنڌن تي روڊن تي خندقون کوٽيون آهن. ان کان اڳ اسلام آباد ڏانهن ويندڙ ٽي ايل پي جو احتجاجي مارچ پنجاب جي شهر لاهور کان نڪرڻ کان پوءِ مريدڪي پهتو، پوليس موجب، ڪالا شاهه ڪاڪو جي ويجهو پنجاب پوليس ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي وچ ۾ چڪرين ۾ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 13 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ٽي ايل پي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿيا آهن. تحريڪ لبيڪ پاڪستان پوليس سان چڪرين ۾ پنهنجن ٻن ڪارڪنن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جن جي جنازي نماز شيخوپورا جي تعلقي مريدڪي ۾ ادا ڪئي وئي هئي. شيخوپورا پوليس شهرين جي مارجڻ جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ٽي ايل پي جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ساڍا 5 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. اسلام آباد پوليس موجب، وفاقي راڄڌاني ۾ مذهبي جماعت ٽي ايل پي جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو ته غزا ۾ جنگ بندي جي باوجود ڪجهه ماڻهو اڻ ڄاڻائي ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن، هن چيو ته جنگ ختم ٿي چڪي آهي ته هاڻي احتجاج ڇا لاءِ ڪيو پيو وڃي؟ گهر وڃو، فلسطيني مٺائي ورهائي رهيا آهن ۽ اسان احتجاج ڪري رهيا آهيون.