جوابدار ڌر جي اهم گواهه پنهنجي ئي ڌر جي موقف کان هٽي بيان ڏنو:ام رباب

دادو(رپورٽ :غوث جھتيال) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جتي سڀني گواهن جا بيان مڪمل ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم اين اي غلام رسول چانڊيو پڻ عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو جي گواهن پنهنجا بيان مڪمل ڪرايا، جنهن کانپوءِ ايم اين اي غلام رسول چانڊيو جو بيان پڻ قلمبند ڪيو ويو، عدالت ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جي ڪارروائي 25 آڪٽوبر 2025 تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدار ڌر جي هڪ اهم گواهه پنهنجي ئي ڌر جي موقف کان هٽي بيان ڏنو، جنهن تي ام رباب چانڊيو عدالت کان ٻاهر شڪراني جو سجدو ادا ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدارن جي گواهه پاڻ عدالت ۾ مڃي ورتو ته واقعي واري ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري جو جلسو ٿيو ئي نه، جڏهن ته جوابدار برهان چانڊيو جي دعويٰ هئي ته هو واقعي واري ڏينهن جلسي ۾ موجود هو، گواهه جو اهڙو بيان انصاف لاءِ وڏو قدم آهي، ڇو ته ان سان جوابدارن جون ڪوڙيون دعوائون ۽ بيان بي نقاب ٿي ويا آهن، هاڻي سچ عدالت آڏو اچي چڪو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته منهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون جو انصاف جلد ٿيندو، ياد رهي ته ست سال اڳ ميهڙ شهر ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي کي هٿياربندن ميهڙ ۾ سندن گهر اڳيان قتل ڪيو هو،ان واقعي ۾ پيپلزپارٽي جا ٻه ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو سميت 8 ڄڻا جوابدار طور نامزد آهن هي ڪيس گذريل ستن سالن کان عدالت ۾ هلي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.