ڊي آءِ خان حملي ۾ 6 پوليس اهلڪار ۽ پيش امام شهيد: آءِ ايس پي آر

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) ڊي آءِ خان پوليس ٽريننگ سينٽر تي دهشتگردن جي حملي 6 پوليس اهلڪار ۽ امام مسجد شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول تي ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ 6 پوليس اهلڪار ۽ امام مسجد شهيد ٿي ويا، جڏهن ته آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا، جاري بيان موجب دهشتگردن 10 ۽ 11 آڪٽوبر جي وچ واري رات پوليس ٽريننگ اسڪول تي حملو ڪيو، جن اسڪول جي ٻاهران سيڪيورٽي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊيوٽي تي موجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن بروقت ۽ بهادري سان ڪارروائي ڪري دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي اسڪول جي مرڪزي دروازي سان ٽڪرائي ڇڏي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ٽن ڀارتي دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته ٻه دهشتگرد عمارت اندر گهري پيا، جن کي ٽارگيٽڊ آپريشن دوران انجام تائين پهچايو ويو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ تربيتي مرحلي ۾ شامل جوان به شامل هئا، دهشتگردن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار ۽ هڪ بيگناهه شهري زخمي به ٿيا، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن حملي دوران اسڪول ڪمپليڪس جي مسجد تي به حملو ڪيو، جتي انهن عبادت گاهه جي بي حرمتي ڪندي امام مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو، جيڪي عنصر هن ڪارروائي ۾ ملوث آهن، انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، وفاقي وزير گهرو وزير محسن نقوي ڊي آءِ خان ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد پوليس اهلڪارن ۽ شهيد پيش امام کي ڀيٽا پيش ڪئي، محسن نقوي چيو ته پوليس اهلڪارن جان ڏئي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو، پوليس بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.