ڊي آءِ خان: پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي ۾ 6 پوليس اهلڪار ۽ پيش امام شهيد: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي/اسلام آباد (ويب ديسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول تي ڀارتي حمايت يافتا فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي ۾ 6 پوليس اهلڪار ۽ مسجد پيش امام شهيد ٿي ويا، جڏهن ته آپريشن دوران 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڊيرا اسماعيل خان پوليس ٽريننگ اسڪول تي 10 ۽ 11 آڪٽوبر جي وچ واري رات حملو ڪيو ويو، دهشتگردن اسڪول جي ٻاهران سيڪيورٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڊيوٽي تي موجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن وقتائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي اسڪول جي مين گيٽ سان ٽڪرائي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ان دوران اهلڪارن هٿان ٽي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا، ٻه ٻيا دهشتگرد عمارت اندر گهيري ۾ آڻڻ بعد ٽارگيٽڊ آپريشن دوران ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر پوليس اهلڪارن شهادت ماڻي، شهيدن ۾ ٽريننگ وٺندڙ جوان به شامل هئا، دهشتگردن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار ۽ هڪ بيگناهه شهري زخمي پڻ ٿيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن حملي دوران اسڪول ڪمپليڪس جي مسجد تي به حملو ڪيو، عبادت گاهه جي بي حرمتي ڪئي ۽ مسجد جي پيش امام کي شهيد ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو
محسن نقويءَ جي مذمت
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس ٽريننگ سينٽر تي خارجين جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد ٿيندڙ 7 پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي
هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.
محسن نقوي چيو ته پوليس اهلڪارن جان ڏئي خوارجي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو، پوليس بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا
هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.