مڙس جي قتل ڪيس ۾ زال ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت اورنگي ٽائون ۾ گھريلو تڪرار دوران مڙس جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار زال کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت آڏو جوابدار عورت نورالعمائمه کي پيش ڪيو ويو، جنهن تي الزام آهي ته هن گھريلو تڪرار دوران پنهنجي مڙس کي قتل ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مقتول ۽ زال وچ ۾ خلع جو ڪيس هلندڙ هو، واقعي واري رات مقتول پنهنجي دوست سان گڏ ساهرن وٽ ڀت ٽپي گهر ۾ داخل ٿيندي زال مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن تي عورت به جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب مڙس زخمي ٿي پيو، ان کان پوءِ جوابدار عورت مبينا طور تي ڇريءَ سان به وار ڪيا، جنهن سبب ان جو مڙس قتل ٿي ويو، جاچ آفيسر ٻڌايو ته  عورت وٽان هٿ آيل هٿيار ۽ ڇري بابت وڌيڪ تحقيق ڪرڻي آهي، جڏهن ته واقعي جا اصل سبب ۽ حقيقتون به معلوم ڪرڻيون آهن، عدالت ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي منظوري ڏيندي جوابدار عورت کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.