ناروي/واشنگٽن (م ڊ) 2025 جو نوبل امن انعام وينزويلا جي ماريا ڪورينا ماچاڊو کي ڏنو ويو آهي. ڪميٽي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ماريا ڪورينا ماچاڊو کي نوبل امن انعام وينزويلا جي عوام جي جمهوري حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ آمريت کان جمهوريت ڏانهن منصفاڻي ۽ پرامن منتقلي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي ڏنو ويو آهي. 2025 جو نوبل امن انعام هڪ عورت کي ڏنو ويو آهي جيڪا، وڌندڙ اونداهي جي باوجود، جمهوريت جو ڏيئو ٻاريندي رهي آهي. ماريا ڪورينا ماچاڊو کي نوبل امن انعام ملي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هوءَ تازن وقتن ۾ لاطيني آمريڪا جي سڀ کان غير معمولي مثالن مان هڪ آهي. ڪميٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ماچاڊو هڪ متحد ڪندڙ شخصيت رهي آهي. اهو ڪو راز ناهي ته ڊونلڊ ٽرمپ نوبل امن انعام چاهيندو هو. پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ناروي ۾ انعام ڪميٽي اڳيان آمريڪي صدر کي نامزد ڪيو. پر جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ڪميٽي جي دروازن جي پويان ڇا ٿيو، ته کيس مسئلو ٿيندو ڇو ته ڪاغذ 50 سالن تائين ڳجها رکيا ويا آهن. ٻئي پاسي وائيٽ هائوس نوبل ڪميٽي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل امن انعام نه ڏيڻ سياسي تعصب آهي. ترجمان اسٽيون چيونگ چيو ته نوبل ڪميٽي امن بدران سياست کي ترجيح ڏني، جڏهن ته صدر ٽرمپ امن معاهدا ڪرڻ ۽ جنگيون ختم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ترجمان موجب، ٽرمپ وٽ انسان دوست دل آهي ۽ هو دنيا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هوڏانهن ماريا ڪورينا چيو آهي ته هي انعام پنهنجي ملڪ جي بهادر عوام ۽ سنهن ساٿين جي نالي ڪريان ٿي جن اسان جي آزادي جي خواب کي سهارو ڏن، انهن ۾ صدر ٽرمپ به شامل آهي. هن چيو ته وينزويلا جو عوام ورهين کان ظلم ۽ آمراڻين قوتن کي منهن ڏئي رهيو هو، هن جدوجهد ۾ عالمي آوازن اميد جي لاٽ ٻريل رکي. اسان فتح جي در تي بيٺا آهيون، هي انعام منهنجو ناهي، هر شهري جو آهي جنهن بک، جيل، ڌمڪي ۽ جالوطني باوجود هار نه مڃي.