ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لياري جي علائقي بغدادي ۾ عمارت ڪِرڻ جي واقعي ۾ عمارت جي مالڪن جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جنهن ۾ 27 ماڻهو فوت ٿي وي هئا ۽ 4 زخمي ٿيا هئا، جسٽس عمر سيال ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لياري بغدادي ۾ عمارت ڪِرڻ واري ڪيس ۾ مالڪن رحيم بخش ۽ تاج محمد جي ضمانت بابت فيصلو ٻڌايو، عدالت ٻنهي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي کين جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته 5، 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي، ان کان اڳ سيشن ڪورٽ عمارت مالڪن جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، پراسڪيوٽر عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار ذاتي فائدي لاءِ ماڻهن جون 27 حياتيون ضايع ڪرڻ جا ذميوار آهن، انهن جي غفلت معاشري ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ڪئي، تنهن ڪري ضمانت رد ڪئي وڃي، ڪيس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 10 عملدار اڳ ئي سيشن ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته جوابدارن خلاف غفلت، لاپرواهي ۽ قتل بالسبب جا الزام لاڳو آهن.