پرامن ماڻهن کي تنگ ڪري نفرت وڌائي پئي وڃي:پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته پرامن ماڻهن کي تنگ ڪري  نفرت وڌائي پئي وڃي، لاپتا ماڻهن بابت 15 درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس اعجاز انور ڪئي، جنهن ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل، درخواستگذارن جا وڪيل، پوليس ۽ گهرو کاتي جا فوڪل پرسن عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار جو 15 ورهين جو پٽ کنيو ويو آهي، 25 آگسٽ تي سي ٽي ڊي ۽ مقامي پوليس بنا ليڊي پوليس جي سندن گهر تي چڙهائي ڪئي، جڏهن ته 27 آگسٽ تي پوليس سندن 3 گهر به ساڙيا، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ايس ايڇ او ۽ سي ٽي ڊي عملدارن رپورٽ جمع ڪرائي آهي، جنهن موجب لاپتا شخص جو ڀاءُ ساجد الله دهشتگردي ۾ ملوث آهي، درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته ساجد الله 4 سال اڳ گهر ڇڏڻ کانپوءِ لاپتو ٿيو، جنهن سان خاندان جو هاڻي ڪو واسطو ناهي ۽ انهن اخبارن ۾ به لاتعلقي جا اشتهار ڏنا هئا، جيڪڏهن ڪنهن تي شڪ آهي ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، پر بيگناهه ماڻهن جا گهر ساڙڻ ۽ سندن ننڍي پٽ کي کنڀڻ سراسر ظلم آهي، ڊي سي کي رپورٽ جمع ڪرائڻ گهرجي ته واقعي گهر ساڙيا ويا يا نه، جسٽس اعجاز انور ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو پرامن آهن، اوهان انهن کي به تنگ ڪري نفرت وڌائي رهيا آهيو، عدالت ڊپٽي ڪمشنر بنون کي واقعي بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سميت ٻين ڌرين کان به لاپتا ماڻهن وارن ڪيسن بابت رپورٽون طلب ڪيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.