خيبر پختونخوا ۾ اهڙي قيادت نه ٿي آڻي سگهجي جيڪا رياست خلاف هجي:ڊي جي آءِ ايس پي آر

پشاور (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ اهڙي قيادت نه ٿي آڻي سگهجي جيڪا رياست خلاف هجي، خيبر پختونخوا ۾ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي جڳهه ڏني وئي، هتي گورننس ۽ عوامي ڀلائي کي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو ويو، جنهن جي سزا اڄ تائين  خيبرپختونخوا جو بهادر عوام پنهنجي رت سان ڀوڳي رهيو آهي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ گورننس جي قيام سبب دهشتگردي نه ٿئي ٿي. آءِ ايس پي آر ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪور هيڊ ڪوارٽرز پشاور ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد خيبرپختونخوا صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ هن خيبرپختونخوا جي عوام کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سندن قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي.صوبائي آپريشنز جو جائزو پيش ڪني هن ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ 2024 کانپوءِ ڳجهن اطلاعن جي بنياد تي 14535 آپريشن ڪيا ويا، جڏهن ته روزاني بنياد تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جو انگ 40 آهي.اهن چيو ته 2024ع ۾ آپريشن دوران 769 دهشتگرد ماريا ويا، آپريشنز دوران 577 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ فوج جا 272 بهادر آفيسر ۽ جوان، پوليس جا 140 ۽ 165 معصوم شهري شامل آهن.ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، خيبرپختونخوا ۾ 2025 دوران 15 سيپٽمبر تائين 10115 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا آهن، جن ۾ 917 دهشتگرد ماريا ويا آهن، هن سال آپريشن دوران فوج جا 311 آفيسر ۽ جوان، پوليس جا 73 اهلڪار ۽ 132 معصوم شهري شهيد ٿيا. هن چيو ته گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ هڪ سال ۾ مارجي ويل خارجي دهشتگردن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ گذريل سال مارجي ويل خارجي دهشتگردن جي انگ اکر گذريل 9 سالن جي مجموعي انگ کان به وڌيڪ هئا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 2016 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ شروع ڪيون ۽ پرامن خيبرپختونخوا جو خواب ساڀيان جي ويجهو هو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اهي عمل ڄاڻڻ ضروري آهن جن سبب اڄ دهشتگردي موجود آهي، هن دهشتگردي ختم نه ٿيڻ جا پنج بنيادي ڪارڻ بيان ڪيا جن پهريون نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرڻ، ٻيو دهشتگردي واري معاملي تي سياست ڪرڻ ۽ قوم کي ان سياست ۾ منجهائڻ، ٽيون ڪارڻ ڀارت جو افغانستان کي دهشتگردي جي بيس ڪئمپ طور استعمال ڪرڻ، چوٿون سبب افغانستان ۾ دهشتگردن لاءِ جديد هٿيارن ۽ پناهه گاهن جي دستيابي جڏهن ته پنجون ۽ آخري سبب مقامي ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن جو ڳٺ جوڙ آهي.هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردن ۽ ڏهاري عنصرن جو ڳٺ جوڙ مڪمل مقامي ۽ سياسي پٺڀرائي تي ٻڌل آهي. ترجمان چيو ته 2014ع اي پي ايس سانحي کانپوءِ سڀني سياسي پارٽين ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هڪ گڏيل حڪمتي عملي تي متفق ٿيون، جنهن کي نيشنل ايڪشن پلان جو نالو ڏنو ويو ۽ سڀني سياسي ڌرين اهو طئي ڪيو ته جيڪڏهن دهشتگردي جو خاتمو آڻڻو آهي ته انهن نقطن تي ڪم ڪرڻو پوندو.هن چيو ته 2021ع ۾ گذريل صوبائي حڪومتن ڪجهه نڪتا خارج ڪري 14 نقطن تي ٻڌل نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو، بعد ۾ موجوده حڪومت به انهيءَ ايڪشن پلان کي ”ويزن، عزم، استحڪام“ جو نالو ڏنو. هن چيو ته بنيادي مسئلو اهو آهي ته انهن نڪتن تي عمل نٿو ٿئي.هن چيو ته ايڪشن پلان جو پهريون نڪتو دهشتگردن کي مارڻ آهي، جيڪو زميني آپريشنز سان تعلق رکي ٿو ۽ سوال ڪيو ته ڇا ان تي ڪم ٿي رهيو آهي يا نه؟ هن انگن اکرن جو حوالو ڌيندي چيو ته اسان ڪيترن ئي دهشتگردن کي قابو ڪيو آهي ۽ شهيد ان ڳالهه جا شاهد آهن. هن چيو ته باقي 13 نڪتن تي پڻ ڪم جي نگراني ٿيڻ گهرجي، ٻيو نڪتو هو ته ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ سياستدانن جو هڪ زبان ٿي دهشتگردي خلاف اُٿي بيهندا، اِهو اسان نه چيو ته پر سموريون سياسي ڌريون 2014ع کان ان ڳالهه تي متفق آهن، ڇا اسان ان بيانئي تي قائم آهيون؟ آءِ ايس پي آر ترجمان سوال ڪيو ته ڇا توهان کي اهو آواز نه ٿو اچي ته دهشتگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي؟ ڇا اسان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون؟ جيڪڏهن هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه آهي ته جڏهن 6 ۽ 7 مئي تي ڀارت حملو ڪيو ۽ معصوم ٻار، عورتون، مدرسا ۽ مسجدون نشانو بڻيون ته ڇو عوام چيو ته اچو ڳالهيون ڪريون؟هن چيو ته جيڪڏهن هر مسئلو ڳالهه ٻولهه سان حل ٿئي ها ته جنگون نه لڳن ها،جيڪڏهن مسئلي جو حل ڳاليهون هجن ها ته بدر جي ميدان تي ڳالهه ٻولهه ڇو نه ٿي؟ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته توهان جي اڳواڻن پهريان فيصلو ڪيو هو ته بيانئو ٺاهيو ويندو، پر ورغلائيندڙ بيانيو ٺاهيو پيو وڃي. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته اسان نه اسان جي سياستدانن، سمورن صوبائي حڪومتن چيو ته جيڪڏهن دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻو آهي ته دهشتگردي ۽ ڏوهارين جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻو آهي، غيرقانوني ڪاروبار، منشيات، ڀتا خوري، ڀنگ عيوض اغوا، ۽ غيرقانوني گاڏين جي ناسور کي ختم ڪرڻو پوندو. ترجمان چيو ته ملڪ جي سياستدانن ۽ حڪومتن فيصلو ڪيو هو ته دهشتگردي وارن ڪيسن لاءِ عدالتي نظام کي مضبوط ڪيو ويندو، پر هن وقت اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟ آگسٽ 2025ع تائين خيبرپختونخوا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن مان ڪنهن به دهشتگرد کي سزا نه ملي آهي؛ 34 ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، 2878 ڪيس ٽن کان گهٽ عرصي جا هئا ۽ 1706 ڪيسن 3 سال کان وڌيڪ عرصي وارا آهن. ترجمان چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر اڄ تائين صوبائي سطح تي اٽڪل 4355 مدرسن مان رڳو اٽڪل 55 سيڪڙو رجسٽرڊ ٿيا آهن، اڃا رجسٽريشن ئي مڪمل ناهي ٿي ته ته نصاب هڪ ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سوال اهو آهي ته دهشتگردي ڇو ختم نٿي ٿئي ته اهي سوال به جواب طلب آهن. ترجمان چيو ته 2014 ۽ 2021 ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته افغانن کي واپس موڪليو ويندو، پوءِ اڄ اهو بيانيو ڪٿان آيو ته انهن کي واپس نه موڪليو وڃي؟ ڇا 2014 ۽ 2021 جو فيصلو غلط هو؟ جڏهن افغانستان ۾ امن آيو ۽ اتي ڪا قابض فوج ناهي ته اها رياست جنهن سالن تائين افغان ڀائرن جي مهمان نوازي ڪئي، هاڻ انهن کي واپس موڪلي ٿي ته ان تي سياست ڇو پئي ڪئي وڃي؟ هن چيو ته دوحا معاهدي ۾ چيو ويو ته افغان سرزمين نه ته آمريڪا ۽ نه ئي خطي جي ڪنهن ملڪ طرفان ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيندي، پر انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته افغان سرزمين دهشتگردن لاءِ بيس ڪيمپ رهي آهي. هن چيو ته جڏهن آمريڪا افغانستان مان ويو ته ان جا ڇڏيل هٿيار وڏي انگ ۾ خارجين هٿن ۾ اچي ويا، آمريڪي ادارن جي رپورٽ موجب، 2024 ۾ آمريڪي فوج 7.2 بلين ڊالر ماليت جا هٿيار افغانستان ڇڏي وئي. ترجمان آءِ ايس پي آر آپريشنز دوران ملندڙ آمريڪي هٿيارن جون تصويرون به ڏيکاريون. هن چيو ته گذريل ٽي مهينن دوران 3984 دهشتگردي واقعا پيش آيا، جن مان 70سيڪڙو خيبرپختونخوا ۾ ڇو ٿيا؟ هي منطقي سوال آهي جيڪو نوجوان ۽ سوشل ميڊيا پڻ پڇي رهيا آهن، ڇا پنجاب ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي گهٽ هئڻ جو مطلب اهو آهي ته دهشتگرد انهن صوبن ۾ ڪم نٿا ڪرڻ چاهين؟ نه، اصل ڪارڻ اِهو آهي ته انهن صوبن ۾ گورننس موجود آهي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سياست ۽ دهشتگردي جو ڳٺ جوڙ موجود ناهي، اِهو ئي بنيادي ڪارڻ جو اتي دهشتگردي ناهي. رياست-مخالف قيادت جو اچڻ ممڪن ناهي، ڪنهن کي رياست خلاف سازش جي اجازت نه ڏئي سگهجي ٿي۔ جيڪڏهن ڪو اڪيلو فرد سمجهي ٿو ته هن جي سياست رياست کان مٿانهين آهي ته اهو قبول لائق ناهي۔ ڪنهن اڪيلي فرد کي اهو اختيار نه ٿو ڏئي سگهجي ته هو پنهنجي ذات لاءِ رياست ۽ پاڪستاني عوام جي جان، مال ۽ عزت جو سودو ڪري۔

دهشتگردي خلاف نئين پاليسي جا افغانستان سان لاڳاپن تي اثر پوندا

اسلام آباد (نجم سيٺي) پاڪستان قومي سلامتي ۽ علائقائي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ واضح ۽ فيصلائتي تبديلي جي شروعات ڪئي آهي، هن تبديلي تحت رياست دهشتگرد گروهن سان ڳالهين ۽ مفاهمت واري پاليسي کي ڇڏيندي هڪ جارحاڻو ۽ اڳواٽ دهشتگردي مخالف حڪمتِ عملي اختيار ڪئي آهي، هيءَ نئين پاليسي نه رڳو خيبر پختونخوا جي سياست تي گهرا اثر ڇڏيندي پر افغانستان ۽ ڀارت سان پاڪستان جا لاڳاپا به نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، رياستي سلامتي ادارن عمران خان ۽ جنرل فيض حميد جي دور ۾ اختيار ڪيل ان پاليسي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ دهشتگرد گروهن سان ڳالهين ۽ مالي مفاهمت کي ترجيح ڏني وئي هئي، نئين حڪمتِ عملي کي ”هاڻي بس تمام ٿي ويو“ جي اصول تي بيهاريو ويو آهي، جيڪو 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول حملي کانپوءِ ٿيندڙ فيصلائتين فوجي ڪاررواين جي ياد ڏياري ٿو، رياست اعلان ڪيو آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي، ڀلي سرحد جي اندر هجي يا ٻاهر بنا ڪنهن ترديد جي جاري رهندي، نئين سلامتي حڪمت عملي ۾ اهو اصول شامل ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي تحفظ لاءِ ضروري ٿيو ته سرحد پار ڪارروائي به ڪئي ويندي، هن موقف جي جواز طور اهي مثال ڏنا پيا وڃن، جيڪي اڳ ئي عالمي سطح تي موجود آهن، جيئن آمريڪا جون افغانستان ۾ ڪارروايون، اسرائيل جا حماس خلاف حملا ۽ ڀارت جي پاڪستان اندر مداخلت، هن پاليسي جي تبديلي جا سڌا اثر خيبر پختونخوا جي سياست تي پئجي رهيا آهن، سيڪيورٽي ادارن موجب صوبي جي حڪومت جو رياستي پاليسي سان هم آهنگ هجڻ لازمي آهي ۽ اهڙي ڪا به صوبائي حڪومت برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪا دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکي، ڪنهن به اهڙي قيادت کي جيڪا هن پاليسي کان انڪار ڪندي فوري طور هٽائڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي، هن مقصد لاءِ مختلف رستن تي غور ٿي رهيو آهي، جن ۾ اميدوار جي تبديلي، اعتماد جي ووٽ ۾ رڪاوٽ، قانوني ڪارروايون يا گورنر راڄ جو نفاذ شامل ٿي سگهي ٿو، هن پسمنظر ۾ مولانا فضل الرحمان جي گورنر خيبر پختونخوا سان ملاقات کي متبادل قيادت جي امڪانن سان جوڙي پيو ڏٺو وڃي، افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي هڪ نئين ۽ وڌيڪ سخت مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، رياست فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن طالبان حڪومت تحريڪِ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ لبريشن آرمي خلاف ڪارروائي نه ڪندي ته پاڪستان انهن دهشتگرد ٺڪاڻن کي افغانستان جي اندر نشانو بڻائيندو، هي فيصلو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ شديد تڪرار پيدا ڪندو ۽ ممڪن آهي ته ايندڙ ٽن مهينن دوران افغانستان جي اندر اقتدار جي اندرين ڇڪتاڻ يا ”ريجيم چينج“ جي صورت ۾ نيون حالتون پيدا ٿين، پاڪستان هاڻي هن امڪان تي به غور ڪري رهيو آهي ته طالبان جي اندر موجود مختلف ڌڙن کي سپورٽ ڪري، ڪابل جي موجوده قيادت تي دٻاءُ وڌو وڃي.

اورڪزئي حملي ۾ ملوث 30 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز طرفان اورڪزئي حملي ۾ ملوث سمورن 30 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماريو ويو، سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندياورڪزئي حملي ۾ 2 آفيسرن  سميت 11 جوانن جي شهادت ۾ ملوث سڀني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز 7 آڪٽوبر تي ضلعي اورڪزئي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي ذميوارن خلاف لڳاتار ڪارروائيون جاري رکيون، ان واقعي ۾ وطن جا بهادر جوان ليفٽننٽ ڪرنل جنيد طارق، ميجر طيب راحت ۽ 11 جوان شهيد ٿيا هئا، آءِ ايس پي آر موجب اورڪزئي جي علائقي جمال مائيه ۾ آپريشن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ڀارت جي مدد سان ڪم ڪندڙ سمورا 30 دهشتگرد مارجي ويا، بيان ۾ چيو ويو ته هي ڪامياب آپريشن نه فقط انهي حملي جو بدلو آهي، پر ان جا اصل منصوبي ساز به ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايا ويا آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي مدد يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهن، ٻئي پاسي صدر مملڪت ۽ وزيراعظم اورڪزئي ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ خوارج جو نيٽ ورڪ ٽوڙي قوم جو سر فخر سان مٿي ڪيو آهي، ليفٽننٽ ڪرنل جنيد طارق، ميجر طيب راحت ۽ ٻين شهيدن جون قربانيون قوم هميشه ياد رکندي، وزيراعظم چيو ته شهيد آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون رائيگان نه وڃڻ ڏنيون وينديون، پاڪستان جي هر شهيد تي سڄي قوم کي فخر آهي۔ دهشتگردي جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن ڪامياب نه ٿيڻ ڏنا ويندا ۽ ملڪ مان ان عفريت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فتنه الخواجر جي دهشتگردن کي پاڪستان ۾ ڪٿي به لڪڻ نه ڏينداسين.

ڀارت پاران ڪابل ۾ سفارتخانو ٻيهر کولڻ جو اعلان

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت پاران ڪابل ۾ سفارتخانو ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڀارت افغانستان جي گادي واري شهرڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو اعلان ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جَي شنڪرنئين دهلي ۾ طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٻطرفي ملاقات دوران ڪيو، شنڪر چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته ڪابل ۾ ڀارت جو ٽيڪنيڪل مشن هاڻي سفارتخاني جي حيثيت ۾ ترقي ڪري رهيو آهي، ڀارت آگسٽ 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ بعد ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪيو هو، ملاقات دوران ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته توهان جو دورو ڀارت ۽ افغانستان جي لاڳاپن لاءِ انتهائي اهم آهي، ڀارت، افغانستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري ڀائيواري لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته  طالبان حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو ته ايران ۾ موجود چابهار بندرگاهه هڪ بهترين واپاري رستو آهي ۽ هندستان ۽ افغانستان کي گڏجي ان رستي  پيدا ٿيندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ گهرجن، نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس دوران امير خان متقي چيو ته آمريڪي پابندين سبب ڪجهه مسئلا موجود آهن، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن کي گڏجي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي.

فيض حميد جو ڪورٽ مارشل، لاڳاپن کي ذاتي ۽ سياسي بڻائڻ تي پڇاڻو ضرور ٿيندو!

شاور:پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوهان چيو آهي ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ (انٽر سروسز انٽيليجنس) فيض حميد هن وقت ٽرائل جي عمل مان گذري رهيو آهي.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج ۾ پاڻ احتسابي جو عمل الزام تي  نه پر حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي. فوج جو رياست سان لاڳاپو سرڪاري هوندو آهي، ذاتي يا سياسي نه هوندو. جيڪڏهن ڪو شخص ان لاڳاپي کي ذاتي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو عمل غلط آهي. فيصلا رياست ڪندي آهي، اسان صرف پنهنجي راءِ يا ان پٽ ڏيندا آهيون، اسان ڪنهن جي سياست نٿا هلائيون. هن چيو ته فيض حميد جو ٽرائل ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪورٽ مارشل به ٿي رهيو آهي. فوج ۾ هڪ پاڻ احتسابي جو نظام موجود آهي، جنهن تي الزام لڳندو آهي، ان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو ويندو آهي. اسان کي ڪنهن به دير بابت ڪا پريشاني ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو هڪ اهم ڪارڻ اها به آهي ته جيڪڏهن اوهان لاڳاپن کي ذاتي يا سياسي بڻائيندا ته پوءِ جوابدهي ضرور ٿيندي. مهرباني ڪري اسان کي پنهنجي سياست ۾ نه گھليو، اوهان جي سياست اوهان کي مبارڪ، اسان لاءِ سڀ سياسي جماعتون قابلِ احترام آهن.9 مئي بابت ترجمان پاڪ فوج جو چوڻ هو ته اسان جو موقف واضح آهي: اهو رڳو پاڪ فوج جو ڪيس ناهي، پر سڄي قوم جو ڪيس آهي.

ڪابل ۾ حملن بابت سوال، جتي ضروري هوندو، ڪارروائي ڪنداسين: فوجي ترجمان

پشاور:پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري کان پريس ڪانفرنس دوران ٻه دفعي اهو سوال ڪيو ويو ته ڇا   پاڪستاني فورسز سرحد پار افغانستان ۾ هوائي (فضائي) ڪارروائيون ڪيون آهن؟پهريون ڀيري سوال جي جواب ۾ بنا تصديق يا ترديد جي هن چيو ته ”توهان جنهن اسٽرائيڪ جو ذڪر ڪيو، انهيءَ بابت ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ افغان (طالبان) حڪومت جي ترجمان جي بيان کي نوٽ ڪيو ويو آهي.“هن وڌيڪ چيو ته افغانستان اسان جو برادر پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪروڙين افغان پناهه گيرن جي مهمان نوازي ڪري رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته افغان اختيارين کي آگاهي ڏني وئي آهي ته فتنه الخوارج (ٽي ٽي پي) جي قيادت اتي موجود آهي ۽ انهن جا ٺڪاڻا آهن، پر پاڪستان جي عوام جي جان ۽ ملڪ جي سالميت جي حفاظت لاءِ جيڪي به ضروري قدم کڻڻا پوندا، اهي اڳ به کنيا ويا آهن ۽ هاڻي به کنيا ويندا. جڏهن ٻيهر سوال ورجايو ته ڇا گذريل رات ڪابل ۾ چئن هنڌن تي پاڪستاني فورسز فضائي حملو ڪيو ۽ ان ۾ ٽي ٽي پي جي اڳواڻ نور ولي محسود کي نشانو بڻايو ويو؟جنهن ته فوجي ترجمان چيو ته ” مون اڳي ئي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته افغانستان ۾ محفوظ ٿاڪ پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ انهن جا ثبوت موجود آهن. پاڪستان جي عوام جي جان ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ جيڪي ضروري قدم کڻڻ گهرجن، اهي کنيا ويندا .“

پاڪستان پاران افغانستان تي حملن جون خبرون، نور ولي محسود کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

ڪابل / اسلام آباد (منصور علي خان/معظم فخر) افغانستان جي مختلف شهرن ۾ پاڪستاني ميزائل ۽ ڊرون حملا ٿيڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن، جن ۾ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي سربراهه نور ولي محسود کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. افغان صحافين جي رپورٽن موجب ڪابل، پڪتيا ۽ ٽن ٻين شهرن ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، پر افغان حڪومت يا ٽي ٽي پي طرفان ڪا باقاعده  تصديق ناهي ڪئي وئي. ذريعن موجب، نور ولي محسود جي مبينا گاڏي تي ميزائل حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سندس هڪ آڊيو بيان سامهون آيو جنهن ۾ هن چيو ته هو جيئرو آهي، پر ان آڊيو جي اصليت تي شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. افغان حڪومت هن سڄي معاملي تي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي آهي، ڪافي حد تائين اهو چئي سگهجي ٿو آپريشن ضرور ٿيو آهي. جڏهن ته اندروني ذريعن موجب ڪابل حڪومت ڄاڻي واڻي هن واقعي کي ڊائون پلي ڪرڻ يا دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن پاڪستان سان وڌيڪ ڇڪتاڻ نه وڌي. ان ئي وقت، افغان پرڏيهي وزير ملا متقي ڀارتي هم منصب جي شنڪر سان ملاقات ۾ نون لاڳاپن جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي پاسي، پاڪستاني ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف پاڪستان پاران حملن واري سوال تي ان جي تصديق يا ترديد نه ڪئي. هن چيو عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن ۽ وٺندا رهنداسين. هو چوڻ چاهي ٿو ته جيڪو ڪالهه رات ٿيو اهو اڳتي به ٿي سگهي ٿو. هن چيو آهي ته افغانستان کي دهشتگردن جي پناهه گاهه طور استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ۽ دهشتگرديءَ کي سهارو ڏيڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن پاڪستان ائين ڪيو آهي ته ان ۾ آمريڪا جي حمايت نه هوندي. هي پيشرفت ان وقت سامهون آئي، جڏهن اورڪزئي ۾ ٿيل هڪ دهشتگرد حملي ۾ ٻن آفيسرن سميت 11 پاڪستاني فوجي اهلڪار شهيد ٿي ويا. حملې کان پوءِ پاڪ فوج دعويٰ ڪئي ته جوابي ڪارروائي ۾ 30 دهشتگرد ماريا ويا. ٻئي پاسي خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ انڪشاف ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تڏهن وڌي جڏهن ڪابل حڪومت ٽي ٽي پي جي پنج کان ست هزار جنگجوئن کي سرحد کان پري منتقل ڪرڻ لاءِ مبينا هڪ ارب رپيا طلب ڪيا. پاڪستان ان شرط تي ضمانت گهري ته اهي جنگجو ٻيهر سرحد ويجهو نه ايندا، پر افغان انتظاميا انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ ڳالهين ۾ ناڪامي ٿي. ذريعن موجب ڀارت به ان رقم جي آڇ ڪئي، جنهن سان ڪابل جو رجحان اسلام آباد بدران نئين دهلي ڏانهن وڌيو. پاڪستان هاڻي زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سرحد تي فوجي تياريون وڌائي ڇڏيون آهن.

افغانستان جو پاڪستان تي ڪابل ۽ پڪتيڪا ۾ حملن جو الزام

ڪابل (م ڊ) افغانستان جي وزارتِ دفاع پاڪستان تي هڪ ڀيرو ٻيهر فضائي حدن جي خلاف ورزي ۽ ڪابل سميت پکتیکا جي علائقي ۾ هوائي بمباري جو الزام لڳايو آهي، جڏهن ته پاڪستان طرفان هن الزامن  تي   ڪا واضع تصديق يا ترديد سامهون ناهي آئي. افغان وزارتِ دفاع پاران سماجي ميڊيا پليٽفارم "ايڪس” تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني فضائيه مبينا طور تي ڪابل ۽ ڊيورنڊ لائن جي ويجهو پڪتيڪا جي هڪ بازار تي بمباري ڪئي، جيڪا افغانستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. هي الزام اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن سوشل ميڊيا تي خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات پاڪستان طرفان ڪابل ۾ ڊرون ۽ فضائي حملا ڪرڻ جون رپورٽون گردش ڪري رهيون هيون. جمعي جي ڏينهن پشاور ۾ ٿيل اهم پريس ڪانفرنس دوران، پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري کان جڏهن هن معاملي بابت سوال ڪيو ويو ته هن نه ته ان جي تصديق ڪئي ۽ نه ترديد.هن مختصر ردعمل ڏيندي چيو ته "پاڪستاني عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به کنيا ويندا. ترجمان وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ دعوائن تي حڪومت جي طرفان ڪو باضابطه بيان سامهون نه آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.