غزا ۾ اڄ کان جنگ بندي لاڳو، بي گهر فلسطيني واپس ورڻ لڳا

يروشلم/غزا (م ڊ) اسرائيلي فوج جي گذريل ڏينهن نڪرڻ کانپوءِ هزارين بي گهر فلسطيني پنهنجي تباهه ٿيل گهرن ڏانهن واپس  ورڻ لڳا. اسرائيلي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ جنگ بندي هڪ ڏينهن پوءِ يعنيٰ اڄ منجهند 12 وڳي لاڳو ٿيندي. معاهدي تحت 72 ڪلاڪن ۾ 20 اسرائيلي يرغمالي آزاد ۽ اسرائيل طرفان 1700 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويندو. غزائي ۽ طبي امداد جون ٽرڪون غزا پهتيون. جنگ بندي جو مقصد هو ته ان کي اسرائيلي حڪومت طرفان منظور ڪرڻ کانپوءِ فوري لاڳو ڪيو وڃي پر ڏکڻ غزا جي پٽي جي اهم علائقي خان يونس ۾ سڄي رات اسرائيلي فضائي حملا ڪيا ويا. اسرائيلي فوج چيو ته ان تي جاچ ڪنداسين. اسرائيلي وزيراعظم چيو ته فوج ان وقت تائين رهندي جيستائين حماس هٿيار نٿي ڇڏي. اسرائيلي فوج گهٽجي 53 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول رکندي. جنگ ۾ گذريل ٻن سالن دوران 67 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ حماس جي 7 آڪٽوبر 2023 واري حملي ۾ 1200 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 251 کي يرغمال بڻايو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.