واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا اعلان ڪيو آهي ته هو غزا ۾ تازي جنگ بندي معاهدي جي نگراني لاءِ اسرائيل ۾ 200 فوجي اهلڪار موڪليندو، جيڪي هڪ عالمي گڏيل ٽيم جو حصو هوندا. ٽيم ۾ مصر، قطر، ترڪي ۽ يو اي اي جا اهلڪار به شامل هوندا. اهي اهلڪار ٽرانسپورٽ، سيڪيورٽي، انجنيئرنگ ۽ رسد جا ماهر هوندا، پر غزا اندر ڪو به آمريڪي فوجي مقرر نه ٿيندو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي نگراني هيٺ ڪوآرڊينيشن سينٽر قائم ڪيو ويندو، جيڪو جنگ بندي ۽ انساني امداد جي ترسيل جي نگراني ڪندو.