ڄام نواز علي ۾ عورت مبينا طور قتل، لاڙڪاڻي ۾ لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي بس اسٽينڊ رسول آباد جي رهواسي جتوئي برادري طرفان سانگھڙ ضلعي جي ڄام نواز علي ۾ مبينا قتل ٿي ويل نوجوان عورت جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتولا جو لاش ايمبولينس ۾ رکي پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي چوڪ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مقتول عورت جي والد احسان جتوئي ۽ امڙ گلزار خاتون پنهنجي پٽ آصف جتوئي ۽ ٻين وارثن سان گڏجي دانهيندي چيو ته شبير مستوئي پنهنجي ڀائرن سڪندر، محمد علي سميت ٻين سان گڏجي ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي 20 ورهين جي ڌيءَ عصمه جتوئي کي لاڙڪاڻي مان گهر مان اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو گذريل ڏينهن هنن ڌيءَ کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري سندس جو لاش ڄام نواز علي جي ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو گذريل رات پوليس اسان کي فون ذريعي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن کان پوءِ اسان ڄام نواز علي پهچي ڌيءَ جو لاش وصول ڪيو آهي. هن چيو ته واقعي کي اڄ ٻيو ڏينهن آهي پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي  جيڪو وڏو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڌيءَ جي بيگناهه قتل جو نوٽيس وٺندي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري ۾ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ، نوجوان قتل، ٻار زخمي

بخشاپور (رپورٽ:زاهد بڊاڻي) بخشاپور  ۾ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، ٻارڙو زخمي ٿي پيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته شاهي بازار ۾ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان حبيب الله جمالاڻي ڊومڪي قتل ٿي ويو، هڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيو جوابدار فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا، اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي موقعي تي موجود ماڻھن لاش بخشاپور اسپتال پهچايو ۽ زخمي ٻارڙي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ طبي امداد لاءِ ڪشمور اسپتال پهچايو ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته نوجوان جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڪنهن وقت به خونريزي وڌڻ جو خدشو وڌي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.