ڪراچي ۾ ڀتاخوري ۾ ملوث مک ڪردار ايران ۾ موجود آهن:ضياءُ لنجار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري ۾ ملوث لياري گينگ وار جي مک ڪردار وصي الله لاکو ۽ عبدالصمد ڪاٺياواڙي هن وقت ايران ۾ موجود آهن ۽ حڪومت کين ايران مان واپس آڻي عدالتن ۾ پيش ڪندي. ڪراچي پوليس آفيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڀتا خوري جو مسئلو سنجيده نوعيت جو آهي ۽ سنڌ حڪومت  هميشه اهو چاھيو آهي ته شهر ۾ واپاري برادري کي محفوظ ماحول ملي. هن چيوته واپارين کي ڀتو ڏيندڙن جي ڌمڪين تي اسپيشل انويسٽيگيشن ۽ ضلعي پوليس ڪارروايون ڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن دوران 4 ڀتيخور ماريا ويا آهن ۽ 3 زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ضياءَ لنجار چيو ته پنجاب ۾ موٽر وي تي 8 ڪلاڪن تائين ڦر ۽ ڌاڙن جا واقعا ٿيندا رهيا، جتي ڏوهاري کلي عام ماڻهن کي لٽيندا، ماريندا ۽ 12 ماڻهن کي اغوا به ڪيو ويو جن ۾ سندن ئي علائقي جا ماڻهو شامل هئا، پر ڪنهن ۾ اِها جرئت نه هئي ته اها خبر ميڊيا تي هلائي، جڏهن ته اسان جي پوليس ڪاميابيون ماڻيون، پوليس آفيسر سپاهي وانگر ڪم ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.