پي ٽي آءِ پاران علي امين گنڊاپور خلاف بي اعتمادي رٿ تي غور

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا اسيمبلي ميمبرن وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور خلاف بي اعتمادي  رٿ آڻڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب وزيراعليٰ جي استعفيٰ واري تڪرار تي حڪومتي ميمبرن ۽ پارٽي اڳواڻن جي اسپيڪر هائوس ۾ صلاح مشورا جاري آهن. اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته بي اعتمادي واري رٿ تي ميمبرن جون صحيحون ڪرايون وڃن ۽ گورنر کي استعيفيٰ ٻيهر موڪلي وڃي. ياد رهي ته علي امين گنڊاپور 8 آڪٽوبر تي استعيفيٰ ڏنو هو، پر گورنر فيصـل ڪريـم ڪنڊي ان جي وصوليءَ کان انڪار ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.