ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي ۾ افسوسناڪ حادثي دوران سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جي ٻئين سال جي شاگردياڻي انيقه سعيد پوائنٽ بس هيٺان اچي فوت ٿي وئي، پوليس موجب، انيقه سعيد بس مان لهي رهي هئي ته ان وقت بس ڊرائيور ريورس ڪرڻ لڳو، جنهن دوران شاگردياڻي بس جي هيٺان اچي وئي ۽ موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، حادثي جي اطلاع ملڻ شرط يونيورسٽي ۾ افسوس ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين گڏ ٿي احتجاج ڪيو، يونيورسٽي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، شاگردن جو چوڻ هو ته ڪراچي يونيورسٽي اندر ٽريفڪ لاءِ ڪا واضح پاليسي يا نظام موجود نه آهي، نه ئي ڪٿي اسپيڊ بريڪر لڳل آهن ۽ نه ئي روڊ سائن بورڊ لڳايا ويا آهن، جنهن ڪري شاگردن جون زندگيون خطري ۾ آهن، هنن انتظاميا تي زور ڏنو ته يونيورسٽي اندر ٽريفڪ ڪنٽرول جا موثر قدم کنيا وڃن ۽ فوت ٿيل شاگردياڻي جي خاندان کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، جڏهن ته مبينه ٽائون پوليس موجب، يونيورسٽي جي پوائنٽ بس جي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل شاگردياڻي جي وارثن قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ لاش فوري حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.